پير، ابن شاھ جي مزار: هيءَ مزار اسلامي دور جي يادگار چوھڙ جمالي تعلقي شاھبندر کان ٽي ڪلوميٽر اولھه ۾ موجود هو. بزرگ پير ابن شاھہ، شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي پونئيرن مان آھي. سندس شجرو ھن ريت روايت ڪيو وڃي ٿو: پير ابن شاھہ بن شيخ اسماعيل قريشي بن شاھہ شھر ﷲ سجادہ نشين بن شاھہ يوسف بن شاھہ عمادالدين بن شاھہ رڪن الدين اسماعيل بن شاھہ صدرالدين. سندس مزار جبل جي ٽڪريءَ تي 100 فوٽ کن مٿي ٺھيل آھي. سندس تربت مٿان مقبرو اڏيل آھي، جيڪو چيو وڃي ٿو تہ ڪيھرن اڏايو هو. اتي ھڪ وڏو قبرستان بہ آھي، جنھن ۾ ڪڪرالي جي ڪيھر ڄامن جا مقبرا ۽ مزارون آھن. ھتي دائود ڪيھر جو مقبرو ڦٽل حالت ۾ موجود آھي ۽ درگاھہ تي پھچڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل آھي. ھن درگاھہ جي ڏکڻ ۾ ھڪ ٻي ٽڪريءَ تي راڄن شاھہ جي مزار آھي.