پيراڻو فقير تڙت

پيراڻو فقير تڙت: اتر سنڌ جو مشھور سگهڙ پيراڻو فقير تڙت 1936ع ڌاري علي مدد تڙت جي سانگي (ٿريچاڻي شريف) تعلقو پنو عاقل ضلع سکر ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي سندس شوق سگهڙن جي ڪچهرين سان هو، ان ڪري هن علائقي جي ويجهو ڳوٺ دبر جي رهواسي اعليٰ پائي جي سگهڙ استاد علي شير جاگيراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪئي جنهن وٽان لوڪ ادب جا نڪتا سکيائين. استاد جي روايتن کي قائم رکندي سگهڙن واري فن سان مالا مال ٿيو. سڀ کان اول ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشھور پروگرام ”خان جي ڪچهري'>فتح خان جي ڪچهري“۾ حصو ورتائين. ان دوران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان واقفيت ٿيس، جنهن سان سندس رهاڻيون پڻ ٿيون، جيئن پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي طرفان سنڌي جا پروگرام شروع ٿيا تہ عبدالڪريم بلوچ ۽ مشھور ڪمپيئر سيد صالح محمد شاھہ جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ پروگرام ڪچهري جي مختلف پروگرامن ۾ حصو ورتائين ۽ پنهنجا بيت پيش ڪيائين، هو اڪثر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو، جنهن جي مڃتا ۾ ان کي ”ڀٽائي اوارڊ ۽ قلندر اوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو. ڳوٺ دبر ۾ لڳندڙ ميلي ”ميان جلال“ ۾ هر سال ميزباني جا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. جڏهن ريڊيو پاڪستان خيرپور وجود ۾ آيو تہ هن کي پروڊيوسر جھانگير قريشي ريڊيو پاڪستان خيرپور تان هلندڙ پروگرام ”سھڻي ڌرتي“ ۾ دعوت ڏني، جتي ان مختلف وقتن تي پنھنجي سگهڙائپ جا بيت پيش ڪيا. پيراڻي فقير جي سڃاڻپ نہ صرف هڪ سگهڙ جي حيثيت ۾ آهي پر هو هڪ سٺو شاعر پڻ هو ’سندس ڪلام مختلف فنڪارن جھڙوڪ استاد رسول بخش ابڙو ۽ عبدالرحيم ميراڻي وغيرہ ڳايا‘ ليڪن سندس شھرت يڪتاري ۽ چپڙي جي بي تاج بادشاھہجلال چانڊئي“ جي ڳايل ڪلام ڪئي جنهن جا ٻول اڄ بہ مختلف ماڻهن جي زبان تي موجود آهن.
”مکڻ جھڙا مور ماڻهو کل تہ منهنجي دل ٺري
انهن ٻولن جي ڌن ايتري تہ بھترين ۽ من موهيندڙ هئي جو بعد ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجا ڪلام ان ڌن تي جوڙيا ۽ انهن کي مختلف فنڪارن ڳايو.
پيراڻي فقير پنھنجي پٺيان کوڙ سارا شاگرد ڇڏيا، جن مان سندس پٽ بخشڻ فقير تڙت، محمد بخش تڙت، حيات فقير جاگيراڻي ۽ غوثل ميراڻي وغيرہ مشھور آهن. جن جو شمار بہ سنڌ جـي سـٺـن سـگـهـڙن ۾ ٿـئـي ٿـو. هو پڙهيل لکيل ڪو نہ هو، تنهنڪري پنهنجو في البديھہ شعر پنھنجي ڳوٺ جي ماڻهن کان لکرائيندو هو، جنهن ۾ ان جي مدد ڪندڙ حاجي عبدالڪريم جتوئي ۽ استاد عبدالغفار جتوئي اهم آهن. ان جو لکيل قلمي مواد سندس شاگرد غوثل ميراڻي هنڱوري واري وٽ موجود هو. سنڌ جو هي ڀلوڙ سگهڙ پنھنجي زندگي جا رنگ چٽيندي 9 محرم الحرام 2009ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ پيراڻو فقير تڙتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو