پيراڻو ڀنڀرو2: پيراڻي ڀنڀري جي نالي سان هڪ حقيقي ڪردار، ڪيٽي کهڙا، درياهي ڪچي جو مالوند ڀاڳيو ٿي گذريو آهي. پنهجي تر جو ايماندار ۽ راڄوند شخص هو، کيس گهوڙا پالڻ جو ڏاڍو شوق هو. گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ ڪڪڙيون کوٽهڙو ڪنديون هيون. علائقائي ماڻهن موجب هڪڙي رات ڪاوڙ ۾ اچي ڪڪڙين کي ماري ڇڏيائين، جيئن ئي ننڊ مان جاڳيو ته پوليس کيس هڪ همراهه خانو ککراڻيءَ جي خون جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ورتو. هن گهڻو ئي انڪار ڪيو، پر سندس ڪپڙن تي ڪڪڙين جي رت جا داغ، سندس خلاف شاهد بنجي بيٺا هئا. سيشن ڪورٽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني، پر اپيل ڪرڻ سبب خيرپور جيل ۾ رکيو ويو. ٻن هفتن کان پوءِ جيل جي ڪوٺڙيءَ جون سيخون ڪٽي، جيل مان ڀڄي درياهه پار ڪري مدئجي واري ٻيلي ۾، سومر ڳوٺ ۾ حاجي موريي ابڙي وٽ مينهن جو ڌراڙ ٿي اچي بيٺو. حاجي موريو کيس اولاد وانگر سمجهندو هو. ڇو ته کيس اولاد ڪو نه هو. ڏيڍ سال گذرڻ کان پوءِ حاجي موريي جي ڀائرن، مال تي قبضي ڪرڻ لاءِ موريي کي ماري هن تي الزام لڳايو، ۽ مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو. شڪارپور جي سيشن ڪورٽ کيس ڦاسيءَ جي سزا جي فتويٰ ڏني. ارڙهن مهينا جيل ۾ رهڻ کان پوءِ هي سمجهي نه سگهيو ته هيءَ ماجرا ڇا آهي. فتويٰ ٻڌي سيشن ڪورٽ پوليس هن کي سکر جيل پهچائڻ لاءِ اسٽيشن ڏانهن پيدل سفر شروع ڪيو. ريلوي لائين پار ڪرڻ لاءِ ترسي پيا، ڇاڪاڻ ته مال گاڏي اچي رهي هئي. ريل جي اچڻ مهل هن پنهنجي زندگيءَ جو سودو گهڙين ۾ سوچيو. ڦاسي ته هن کي ملڻي ئي هئي. جڏهن انجڻ ويهن قدمن جي مفاصلي تي هئي ته هن پٽڙي ٽپڻ لاءِ زور سان ٽپو ڏنو. اوچتي سٽ سبب بي خبر پوليس واري کان رسو ڇڏائجي ويو ۽ هن پٽڙي پار ڪري ورتي. مال گاڏي به ڪافي ڊگهي هئي. هن به پيرن تي زور رکيو. رات ٿي چڪي هئي، اڌ رات جو مدئجيءَ جي ڪاٺ مڏيءَ واري دوست وٽ پهتو، جنهن سندس هٿ ڪڙيون ڀڃي ڪڍيون ۽ هن جا هٿ آزاد ڪيا. پوءِ ڪپڙا بدلائي پنهنجي پتڻ واري دوست وٽ وڃي پناهه ورتائين. ڇهن سالن جي ڊگهي عرصي بعد جڏهن هو پنهنجي گهر پهتو ته هن لاءِ ٽي خون انتظار ڪري رهيا هئا. پوليس ٿاڻي تي وڃي پاڻ کي گرفتاري لاءِ پيش ڪيائين ۽ اقرار ڪيائين ته اڳين خونن ۽ تازو نئين ککراڻيءَ جي قتل جو فقط آءٌ ئي اڪيلو جوابدار آهيان. کيس هٿ ڪرڻ لاءِ 5000 رپيا انعام رکيل هو. عدالت کي شاهدن جي ضرورت ڪا نه پئي، ڇو ته هن پاڻ ٽن خونن جو اقرار ڪيو هو. رحم جي اپيل رد ڪندي کيس ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.