پيرا گوئي

پيرا گوئي (Paraguay): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه پيراگوئي (Republic Del Paraguay) آهي. پيراگوئي درياھہ جي مناسبت سان هن کي پيراگوئي نالو ڏنو ويو آهي. هي ملڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ آهي. جنهن جي اتر اولھہ ۽ اتر ۾ بوليويا، اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھہ ۾ ارجنٽينا جا ملڪ واقع آهن. پيراگوئي سمنڊ کانسواءِ ملڪ آهي، هتي الت پليت درياھہ جنهن ايٽلانٽڪ سمنڊ سان ملائي ٿو.
پيراگوئيءَ جي سرڪاري ٻولي اسپيني (گوراني) آهي. هتان جي موسم گرم ۽گهميل رهي ٿي. جابلو علائقن ۾موسم خوشگوار هوندي آهي. پيراگوئي جي مکيہ زرعي پيداوار ڪاساوا، ڪپھہ، سويابين، تماڪ، ڪڻڪ، مڪئي، شڪرقندي (گجر)، ٻج، ميوا ۽ ڀاڄيون، چانور ۽ ڪاٺ آهي. مکيہ صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، گوشت جي پيڪنگ، ٽيڪسٽائيل، ڪاٺ جو ن شيون، ڪيميائي شيون ۽ سيمينٽ شامل آهي. پيراگوئيءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 14 مئي 1811ع آهي ۽ هن جي گڏيل قومن جي ارادي (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو