
تقي شاهه پير
پير تقي شاھہ : پير تقي شاھہ جيلاني 1850ع ۾ ڄائو. اصل پراڻي سکر جو رهاڪو هو، سندس والد صاحب جو نالو سيد پريل شاھہ جيلاني هو. پير تقي شاھہ جو حسب نسب پير عبدالقادر جيلانيرح سان ملي ٿو. پير تقي شاھہ باڊھہ ۾ پوسٽ ماسٽر مقرر ٿي آيو ۽ باڊھہ جي ريواچند محلي ۾ اچي رهيو. پير تقي شاھہ هڪ درويش صفت انسان ۽ تمام پرهيزگار هو. سندس ڪرامتن ۾ چلي پچائڻ واري ڪرامت تمام گهڻي مشھور هئي. پير تقي شاھہ کي شعر شاعريءَ سان دلچسپي هئي، پاڻ تمام سٺو شاعر هو. سندن شاعريءَ ۾ ڪافيون، وايون، غزل، مولود ۽ بيت شامل آهن. پير تقي شاھہ مذهبي طرح قادري مسلڪ ۽ وحدت الوجود واري نظريي جو قائل هو. سندس همعصرن ۾ خليفو گل محمد هالائي، عثمان فقير سانگي، قادر بخش بيدل، خوش خير محمد هيسباڻي، ڇتو فقير سانگي، مصري شاھہ، شاھہ نصير، مرزا قليچ بيگ، دادن فقير ۽ ٻيا ٿي گذريا آهن. کيس 3 پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، پير تقي شاھہ 29 مئي 1952ع تي 92 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار باڊھہ شھر ۾ موجود آهي. سندس مزار تي اڄ بہ روزانہ سوين ماڻهو عقيدت ۽ احترام سان حاضري ڀريندا آهن، جتي هر سال ميلو لڳي ٿو .