پيراڻو ڀنڀرو : پيراڻو ڀنڀرو ضلعي سانگهڙ تعلقي کپري جو ويٺل مشھور ڏاهو شخص ٿي گذريو آهي. پاڻ شاھہ عبداللطيف جو همعصر هو. سنڌ جي سگهڙ ڪچهريءَ ۾ پيراڻي ڀنڀري جا بيت مشھور آهن. اهي ظاهري طرح مزاحيه، لڳن ٿا، پر باطني معنيٰ نفس سان جنگ ۽ خدا پرستيءَ ڏانهن سمايل اٿن. پاڻ ذات جو ڀنڀرو هو، انڪري سندس بيتن تي نالو ئي پيراڻي ڀنڀري جابيت پئجي ويو.