پيرزادا

پيرزادا: سنڌ ۾ رهندڙ هڪ ذات، هن وقت سنڌ کان سواءِ پنجاب ۾ بہ پيرزادا آباد آهن، هنن جي اڪثريت پراڻي سکر ۾ رهندڙ آهي، جيڪي شاھہ خيرالدين جي خليفي ميان جمال الدين جو اولاد چيا وڃن ٿا. ميان جمال الدين 1605ع ڌاري پراڻي سکر ۾ اچي ويٺو. انهن پيرزادن مان ميان غلام محمد مشھور اديب ٿي گذريو آهي، جنهن 1670ع ۾ شاھہ خير الدين تي ڪاشيءَ جو گنبذ اڏايو. هاڻوڪا پيرزادا، ميان شير محمد جي خاندان مان آهن، جيڪو پنھنجي ڀاءُ ميان غلام محمد جي وفات کان پوءِ سجادہ نشين ٿيو هو. هن خاندان ۾ ڪيتريون ئي مشھور شخصيتون پيدا ٿيون. 20 صديءَ ۾ برک سياستدان پيرزادو عبدالستار هن خاندان ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ون يونٽ واري دور کان اڳ سنڌ جو وزيراعظم هو. هن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي مخالفت ۾ ووٽ ڪيو هو، جنهن جي پاداش ۾ کيس جيل اماڻيو ويو. پيرزادي عبدالستار جو پٽ پيرزادو عبدالحفيظ هڪ مشھور قانوندان طور سڃاتو وڃي ٿو، ان کانسواءِ سندس ڀاءُ عبدالمجيب پيرزادو پڻ ناميارو قانوندان آهي ۽ پ پ ٽڪيٽ تان 2002 واري اليڪشن ۾ پني عاقل تڪ تان ايم. اين. اي چونڊيو. هن ئي پيرزادي خاندان مان ولي پيرزادو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سکر ۾ سونارڪو ڌنڌو ڪندو هو. سنڌ ۾ پيرزادن جو هڪ ٻيو وڏو ڪٽنب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ رهائش پذير آهي. هن خاندان مان ڪيترائي اديب ۽ شاعر مشھور آهن. گيتن جو مشھور شاعر مير محمد پيرزادو، اديب ۽ محقق انور پيرزادو ۽ نوجوان اديب ۽ شاعر غوث پيرزادو، شاھہ محمد پيرزادو ماڪا پيرزادي، امر پيرزادو، فيض پيرزادو مسرور پيرزادو، لطف پيرزادو وغيرہ بہ هن ذات سان تعلق رکن ٿا، ٽي. وي جي دنيا ۾ عثمان پيرزادو ۽ ثمينه پيرزادو بہ شھرت ماڻي آهي. جن جو تعلق پنجاب جي پيرزادي خاندان سان آهي.


لفظ پيرزاداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو