پيرزادو   رحمت الله

پيرزادو رحمت الله

پيرزادو رحمت ﷲ

پيرزادو، رحمت ﷲ: هن نوجوان شاعر جو نالو رحمت ﷲ پيرزادو آهي ۽ گيت جي نامياري شاعر مير محمد پيرزادي جو فرزند آهي. هن پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر انجنيئرنگ: 2008) ۽ ايم. اي (سنڌي: 2009) اٿس. هو واٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ واٽر مئنيجمينٽ آفيسر آهي. نوجوانن ۾ سٺو شاعر شمار ٿئي ٿو، جديد شاعريءَ بابت سندس ڪافي مقالا مهراڻ، امرتا ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ’ڪليسا جي دريءَ مان‘ (2005ع) ۽ ”ڪئنڊل لائيٽ“ (نثري نظم: 2008) ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.02.01  عيسوي

رحمت الله پيرزادو پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڇَتو فقير سانگي
راج راڄپر
الانا جي
شاهده کوکر
محمد ابراهيم خليل ٺٽوي
غلام مصطفيٰ مھجور
ائنا اخمتووا
تنھا اصغر
اداسي جکراڻي
درگاهي ميراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون