پيرزادو شاهه محمد

پيرزادو شاهه محمد

پيرزادو شاھہ محمد

پيرزادو شاھہ محمد: نئين ٽهيءَ جي شاعر، شاھہ محمد پيرزادي ولد امام بخش پيرزادي، 31 جنوري 1961ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي (لڳ موهن جو دڙو) ۾ جنم ورتو. هي نامور اديب انور پيرزادي جو سڳو ڀائيٽو آهي. هن جي تعليم بي. ايس. سي آهي ۽ هن وقت هڪ دوائن جي خانگي ڪاروباري ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل آهي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’اسٽوپا سنڌو ۽ چنڊ‘ (ملڪہ پيرزاديءَ ۽ فيض پيرزادي سان گڏ: 1995ع)، (2) ’سونهن جون سَوَ صورتون‘ (2003ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن جو احمد سليم سان گڏ سنڌي ڪهاڻين جو ترجمو ’سارا مُلڪ منصور‘ (1987ع) بہ ڇپيل آهي. گڏوگڏ هن جا اردوءَ جي مشھور اديب آصف فرخيءَ سان گڏ شيخ اياز بابت اردوءَ ۾ ٻہ ڪتاب: ’دانش اياز‘ (اياز جي شاعري، ترجمو ۽ ترتيب: 1998ع) ۽ ’ذڪر اياز‘ (ترجمو، تاثرات ۽ مضمون) ۽ هڪ ڪتاب، اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو ‘The Storms Call for Prayers’ (1999ع) بہ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.01.31  عيسوي

شاهه محمد پيرزادي 31 جنوري 1961ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ موهن جو دڙو ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان پرڀداس آڏواڻي
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
ايڊورڊ سعيد
الھہ بچايو ٽالپر
ڌياڻو مخدوم عربي
بروهي عبدالحليم
بختيار بيگ
سيد عالم شاھہ
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
امام بخش قادري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون