پيرزادو غوث محمد گوهر

پيرزادو غوث محمد گوهر

پيرزادو غوث محمد گوهر

پيرزادو غوث محمد ’گوهر ‘:مخدوم غوث محمد گوهر، شاھہ محمد صديقي پيرزادي جي گهر ۾، 11 جون 1935ع تي ڪوٽڙي محمد ڪبير (تعلقي محرابپور) ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. مخدوم غوث محمد، پرائمري تعليم ڪوٽڙي ڪبير مان ورتي، ۽ ميٽرڪ تائين تعليم ڪنڊياري ۽ هالاڻي هاءِ اسڪولن مان حاصل ڪيائين. هن کي سندس والد جي مامي فقير غلام قادر پيرزادي نپايو. جنهن جو مٿس گهڻو راز هو. جڏهن ان فقير غلام قادر جي عمر 60 سالن کي پهتي تہ هن ننڍڙي غوث محمد کي وڌيڪ اسڪولي تعليم پرائڻ کان منع ڪندي چيو تہ ”تنهنجو والد ۽ آءٌ پوڙها ٿي چڪا آهيون، ان ڪري تون ابي ڏاڏي جي زمين اچي سنڀال. ائين غوث محمد پيرزادي وڌيڪ پڙهائي ڇڏي اچي مائٽاڻي زمينداري سنڀالي، ان دوران فقير غلام قادر (جنهن کي سڀ نانو چوندا هئا) کيس گهر ويٺي خانگي طرح عربي، فارسي ۽ انگريزي سيکاري. پيرزادي غوث محمد گوهر جي والد 1975ع ۾ وفات ڪئي ۽ فقير غلام قادر، 1977ع ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي پڳ جو کيس وارث ٿيڻو پيو. مخدوم غوث محمد گوهر ٽن سالن تائين عشر زڪوات ڪميٽي، نوشهري فيروز جو چيئرمئن بہ رهيو. ان کان سواءِ ٽن سالن تائين، سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو ايڊوائيزر رهيو ۽ هن وقت تائين سچل چيئر جي ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر آهي. سندس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان خاص دوستي هئي. ان ڪري سچل سرمست ادبي ڪانفرنس ۾ دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. وٽس وڏن جو وسيع، قديم ۽ علمي ادبي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي محفوظ رکڻ لاءِ هن 1984ع ۾ ڪوٽڙي ڪبير ۾ ’الڪبير اڪيڊمي‘ قائم ڪئي. جنهن ۾ مختلف موضوعن تي ڏهن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هن اڪيڊميءَ جي خصوصيت اها آهي تہ هن ۾ ساڍن ٽن سون کان وڌيڪ قلمي قرآن پاڪ موجود آهن، جن ۾ 202 هجريءَ جو هڪ قديم قرآن پاڪ، ڪاتب خان محمد تنيي جو هٿ اکري بہ موجود آهي. پيرزادي غوث محمد گوهر کي جتي بہ ڪو قلمي قرآن يا ڪو ٻيو اهم مسودو معلوم ٿيندو آهي تہ هو ڳري قيمت تي خريد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. مخدوم غوث محمد جي وڏن جا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان گهاٽا لاڳاپا هئا. چيو وڃي ٿو تہ شاھہ لطيف جو ڪلام، شاھہ جي فقيرن جو لکيل، لطيف سائين جڏهن بہ اُتر سنڌ جي سفر تي ايندو هو تہ هن درگاھہ ۾ ڪتابت لاءِ ڏئي ويندو هو. ۽ هتي جا ڪاتب اهو مواد سُٺن اکرن ۾ ڪتابت ڪري رکندا هئا ۽ شاھہ صاحب واپسيءَ تي پاڻ سان کڻي ويندو هو. يرزادو غوث محمد شاعري نثر نويس بہ آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) سُوره ياسين (عبدالڪريم عاصي جو منظوم قلمي ترجمو، رهيل ترجمي جي تڪميل سان: 1990ع)، (2) شھباز نامہ (قلندر شھباز جي فارسي ڪلام جو سنڌي ترجمو، مترجم: نياز همايوني (1993ع)، (3) ڪلام ڪوڙلين (ڪوڙل سوناري ۽ سندس پوٽي ڪوڙل جو ڪالم: 1995ع)، (4) سامي سفر هليا (سورهن ڏينهن جو صوفين ۽ ڄام ساقيءَ سان گڏ: 1997ع)، (5) مهدي مڻيادار (مهدي شاھہ جھانيان جو ڪلام: 1999ع)، (6) ڪاتيار جو ڪلام (مخدوم عبدالله ڪاتيار جو ڪالم ۽ شخصيت)، (7) خوشبوءِ جو سفر (حرمين شريفين جو سفرنامو: 2000ع)، (8) ڀارت ياترا (ڀارت جو سفرنامو: 2001ع)، (9) منظوم سنڌي تفسير (ڪوٽڙي ڪبير جي بزرگن جو بسم الله، سورت فاطمه، سورت ياسين، سورت اخلاص ۽ سورت الدهر جو منظوم ترجمو، قديم سنڌيءَ مان جديد صورتخطي ۾ آندل: 2005ع)، (10) لطائف علي (2007ع)، (11) ڪوٽڙي محمد ڪبير جو صديقي خاندان (سوانح حيات: 2008ع)، (12) چھل حديثون (مولانا جاميءَ جي چاليهن حديثن جي فارسي منظوم ترجمي جو عربي، انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو: 2010ع)، (13) ڪوٽڙي محمد ڪبير جو تاريخي پسمنظر (2010ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.06.11  عيسوي

مخدوم غوث محمد گوهر 11 جون 1935ع تي ڪوٽڙي محمد ڪبير ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلو سي راڻي
ثريا ملتانيڪر
ڀانيرا بابا پيارا سنگهہ
احمد مجتبيٰ غالب
فريد الدين بقائي ڊاڪٽر
سليم الزمان صديقي
بلوچ عنايت
اسٽيو جوبز
فھد مصطفيٰ
رميش سپي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون