پيرزادو ميان عبدالرحمان

پيرزادو، ميان عبدالرحمان:ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم خانقاھہ واري مدرسي مان حاصل ڪري پراڻي سکر جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ وقت جي بزرگ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، عبدالرحمان پيرزادو سماجي ورڪر هو ۽ انجمن اسلام (جيڪا پير غوث علي شاھہ قائم ڪئي هئي) جو ميمبر هو. سکر ضلعي مدرسي بورڊ جي پايي وجهندڙن مان هو ۽ بعد ۾ ان جو سيڪريٽري بہ ٿي رهيو. سکر عيدگاھہ جي تعمير ۾ سندس هٿ هو، سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ 1862ع ۾ ٻہ دفعا وائيس پريزيڊنٽ ٿيو، هندن توڙي مسلمانن جو مقبول ليڊر هو. 1892ع ۽ 1939ع ۾ سکر ۾ هندو مسلم فسادن وقت عبدالرحمان پيرزادي همت ڪري پراڻي سکر ۾ امن امان قائم ڪرايو. ان وقت سندس تقريرن چڱو اثر ڪيو ۽ مسجد منزل گاھہ جي حوالي سان بہ هن عوام جي رهنمائي ڪئي. هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.00.00  عيسوي

ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري ڄائو


1942.00.00  عيسوي

ميان عبدالرحمان پيرزادو 1942ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائود بلوچ
چشتي حڪيم شمس الدين
ضياء الدين نخشبي
ديوان نرمل داس
عبدالجبار وڪيل
آدم شاھہ ڪلهوڙو
ابڙو عبدالحق
الھڏنو فقير ماڇي
راءِ ڏياچ
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون