پيرزادو، ميان عبدالرحمان:ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم خانقاھہ واري مدرسي مان حاصل ڪري پراڻي سکر جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ وقت جي بزرگ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، عبدالرحمان پيرزادو سماجي ورڪر هو ۽ انجمن اسلام (جيڪا پير غوث علي شاھہ قائم ڪئي هئي) جو ميمبر هو. سکر ضلعي مدرسي بورڊ جي پايي وجهندڙن مان هو ۽ بعد ۾ ان جو سيڪريٽري بہ ٿي رهيو. سکر عيدگاھہ جي تعمير ۾ سندس هٿ هو، سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ 1862ع ۾ ٻہ دفعا وائيس پريزيڊنٽ ٿيو، هندن توڙي مسلمانن جو مقبول ليڊر هو. 1892ع ۽ 1939ع ۾ سکر ۾ هندو مسلم فسادن وقت عبدالرحمان پيرزادي همت ڪري پراڻي سکر ۾ امن امان قائم ڪرايو. ان وقت سندس تقريرن چڱو اثر ڪيو ۽ مسجد منزل گاھہ جي حوالي سان بہ هن عوام جي رهنمائي ڪئي. هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.
1860.00.00 عيسوي
ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري ڄائو
1942.00.00 عيسوي
ميان عبدالرحمان پيرزادو 1942ع ۾ وفات ڪئي