پيرزادو مير محمد

پيرزادو مير محمد

پيرزادو مير محمد

پيرزادو، مير محمد: مشھور گيت ڪار شاعر، مير محمد پيرزادي، 19 جون 1944ع تي ٻلهڙيجي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. هي نامياري ليکڪ انور پيرزادي جو سڳو ماسات آهي. پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين ٻئي گڏ پڙهيا. مير محمد پيرزادي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان 1962ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پنھنجي چاچي جي مدد سان سنڌ زرعي ڪاليج (ان وقت هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت هو) مان 1967ع ۾ بي. ايس. سي (آنرز: ايگرانامي) پاس ڪيائين. 1969ع ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت سان زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو. جتان ڪجهہ عرصي لاءِ سندس ڏوڪري، سجاول، ڪوٽ ڏجي، دادو ۽ ٻين هنڌن تي بدليون بہ ٿينديون رهيون، پر سندس مستقل رهائش سڪرنڊ ۾ ئي رهي. مير محمد پيرزادو ’ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري‘ سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر رهيو، جتان 20 جون 2004ع تي رٽائر ڪيائين.
مير محمد پيرزادي 1969ع ۾ شادي ڪئي ۽ شاعريءَ جي شروعات بہ ساڳئي سال کان ڪيائين. ٻلهڙيجيءَ جي مئخانن ۾ ٿيندڙ راڳ، جهونن جي ڪچهرين، شادي وهانءَ جي سهرن ۽ ڳيچن ٻڌڻ ڪري کيس شاعريءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيو. هن جا وڏا ٻلهڙيجيءَ جا هئا، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ توڙي حڪمت جا ڄاڻو ۽ تحصيل يافتہ هئا، ان ڪري اتي موجود شاھہ جمال جي درگاھہ جو مئخانو شروع کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز پئي رهيو، جتي راڳ ۽ سنگيت جو اهو عالم هو تہ الهڏني نوناري، جيوڻي ٻائي، استاد بندہ علي خان، استاد منظور علي خان کان ويندي شرافت علي خان تائين سڀ سُريلا راڳي، ان مئخاني تي پنھنجي فن جا جلوا ڏيکاري چڪا هئا، جنهنڪري مير محمد جي شاعريءَ کي پختگي ملي. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي ۽ رواني ڪمال جي آهي. گڏوگڏ کيس راڳ ۽ سنگيت جي بہ وسيع ڄاڻ آهي.
مير محمد پيرزادي جا ٻہ شعري مجموعا ڇپيل آهن: (1) ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ (1981ع) روشني پبليڪيـشن، ڪنڊياري پاران ڇـپـيل، (2) ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘ (1999ع) مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ طرفان ڇپيل. شاعريءَ ۾ گيت سندس خاص سڃاڻپ رهيو آهي، جنهن ۾ هن ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا آهن. سندس پهرئين شعري مجموعي ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ تي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن تہ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ بہ ان ڪتاب کي سال جي بھترين ڪتاب طور پهريون انعام ڏنو. مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جا ٻہ وڌيڪ مجموعا ۽ ٻہ مضمونن جا مجموعا ترتيب ڏنل، ڇپائيءَ جا منتظر آهن. سندس ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف ”ڪلهوڙن جي دؤر جو سنڌي ادب ۽ حضرت سلطان الاولياء خواجہ محمدالزمان جو مقام“ عنوان هيٺ لکيل آهي. ان کان سواءِ سندس لاتعداد سياسي، سماجي، ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. هن سرڪاري ملازمت دوران ڪڻڪ جي جنس ’مومل 2002‘ تيار ڪرائي، پاس ڪرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين آبادگارن ۾ پنھنجي ساک قائم رکيو اچي. سنڌ جو هي بھترين شاعر، هن وقت سڪرنڊ شھر ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.06.19  عيسوي

مير محمد پيرزادي 19 جون 1944ع تي ٻلهڙيجي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت الله پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثريا سوز ڏيپلائي
امان ﷲ وسطڙوشهيد
فضل الرحمٰن ميمڻ
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر
شھباز دراني
تيجومل
سيد پير محمد شاھہ
سيد گوهر علي شاھہ صوفي
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون