پيرزادہ مسجد: مٽياري شھر جي پيرزادہ محلي ۾ واقع هيءَ مسجد 938ھہ/ 1531ع ڌاري سخي رڪن الدينرح جوڙائي. هن مسجد جو اصل نالو ’مسجد ربي‘ هو. پر اڳتي هلي پيرزادي محلي ۾ هجڻ ڪري ’پيرزادہ مسجد‘ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳي. مسجد جوڙائڻ بعد شروع ۾ سخي رڪن الدين هن مسجد ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري رکيو. 938 ھہ/ 1531ع کان 975 ھہ/1567ع تائين ستٽيھہ سال سخي صاحب هن مسجد ۾ درس ۽ تدريس سان گڏ امامت جو فرض نڀايو. سندس وفات بعد سندس پٽ سيد حافظ 975 ھہ/1567ع کان 1006ھہ/1597ع تائين؛ ان بعد سيد ظھير الدين 1006 ھہ/1597ع کان 1031 ھہ تائين؛ سيد آيل شاھہ 1031ھہ/1621ع کان 1060 ھہ/1650ع تائين؛ سيد آدم شاھہ 1060 ھہ/ 1650ع کان 1090 ھہ/ 1679ع تائين، سيد جان محمد 1090 ھہ کان 1101 ھہ/ 1689ع تائين، سيد بُولا شاھہ 1101 ھہ/1689ع کان 1122 ھہ/1710ع تائين، سخي رڪن الدينرح جي درس تدريس ۽ امامت جي روايت کي برقرار رکيو، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. ڪن روايتن موجب تہ سخي رڪن الدينرح جي جوڙايل مسجد اِها نہ آهي، بلڪ اُها مسجد آهي، جيڪا سندس مقبري وٽ آهي. پر اها مسجد سندس وفات کان ڪافي پوءِ جي جوڙايل آهي. ڪن روايتن موجب محمد هاشم ٺٽوي ۽ سندس پوٽي مخدوم ابراهيم مڏڻي واري بہ هن مسجد ۾ نماز پڙهي هئي. انگريزن جي دؤر ۾ مسجد جي ڇت کي برسات سبب ڪجهہ نقصان پهتو، جنهن بعد مرمتي ڪم شروع ڪرايو ويو، پر ڪن ڳالهين سبب واڍا ڪاوڙجي اڌ ۾ ڪم ڇڏي هليا ويا. جنهن بعد سنڌيءَ ۾ قرآن شريف جو پهريون ترجمو ڪندڙ آخوند عزيز ﷲ مٽيارويءَ مسجد جو رهيل ڪم پورو ڪرايو. جنهن جي ثبوت طور مسجد جي ڇت ۾ ٻہ ڪمانون ٻين حصن کان بلڪل ئي الڳ ۽ منفرد موجود آهن. پيرزادہ مسجد ۾ اڄ بہ سوين نمازي نماز ادا ڪن ٿا ۽ درس ۽ تدريس وارو سلسلو جيئن جو تيئن هلندو پيو اچي.