
پيرغلام رسول سرهندي
پير، غلام رسول سرهندي: ناميارو عالم پير غلام رسول سرهندي، 2 جنوري 1912ع تي اڳوڻي ضلعي حيدرآباد جي شھر مٽياريءَ ۾ ڄائو. هن قرآن شريف جي تعليم مشھور عالم قاضي عبدالرحمان کان ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا محمد فاضل ڪابليءَ وٽان ۽ عربيءَ جي ابتدائي تعليم مولوي محمد يوسف ديري غازي خان واري کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سورت جي دابيل مدرسي ۾ داخل ٿيو. جنهن جو مهتمم مولانا احمد گجراتي هو. اتان مولانا شبير احمد عثماني ۽ ٻين استادن کان بيضاوي، عقاد نسفيه ۽ دُورِ حديث (بخاري ۽ مسلم) پڙهي مڪمل ڪيـائيــن. مـدرسـه دهـلـيءَ جي مـولانــا ڪفايت ﷲ سـندس سائـي پٽڪـي سـان دستاربندي ڪرائي ۽ کيس سڏائي ٻين عالمن کي ٻڌايائين تہ ”دابيل جي مدرسي ۾ سڀ کان صحيح عبارت هي نوجوان پڙهندو هو.“
پير غلام رسول جو حافظو تيز هو. کيس تاريخ، علم ۽ ادب سان گهڻي دلچسپي هئي. هن کي سڄي سنڌ جي بزرگن ۽ مشاهيرن بابت تمام سٺي ڄاڻ حاصل هئي. هيءُ اڪثر بزرگن جي مزارن تي زيارت لاءِ پري پري تائين ڪَهي ويندو هو. هن جـي تـصنيفن ۾: (1) ’لذت الارواح‘ (1395ھہ/ 1975ع)، (2) ’سوانـح حيـات حـضـرت آقـا غـلام مجـدد سرهنديرح‘ (1996ع)، (3) ’انساب نـامـو‘ ۽ (4) ’ملفوظات الاڪابر‘ (1370 ھہ/1950ع) ڇپيل آهن.
سندس وفات 27 صفر 1411 ھہ/ 17 سيپٽمبر 1990ع تي ٿي.
1912.01.02 عيسوي
پير غلام رسول سرهندي 2 جنوري 1912ع تي مٽياريءَ ۾ ڄائو
1990.09.17 عيسوي
پير غلام رسول سرهندي جي وفات 27 صفر 1411 هه/ 17 سيپٽمبر 1990ع تي ٿي