پيرل سومرو

پيرل سومرو: محمد پيرل ولد ساٿي (ٽيون) سومرو ڳوٺ ڌاران پور ۾ 1182هه / 1762ع ڌاري احمد شاهه ابداليءَ جي دؤر ۾ شاهه عبداللطيفرحه جي وفات کان 10 سال پوءِ پيدا ٿيو. پنهنجي شاعري ۾ ’پيرل‘ تخلص استعمال ڪيو آهي. هي ساٿي (اول) جي خاندان مان هو، جنهن جي نالي پٺيان ساٿاڻي پاڙو سڏبو اچي ٿو. سندس وفات کان اٺ سال اڳ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 1820ع ڌاري راهه رباني ورتائين. سندس ڪجهه بيت مليا آهن، هڪ ته مڪمل بيت آهي، پر ٻه بيت الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي آهن. هن جا ٽي بيت مليا آهن، جيڪي هن پنهنجي پيءُ جي وفات تي چيا آهن، جنهن ۾ هن پنهنجي دلي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. اهي بيت هن طرح آهن.
1. ساٿي مئين ساجھر، جو ڪيئه سڏا الله،
ادا سنگتي ڪونه ٿيئه، جو هيکلن ساڻا الله،
ڀونگيون ٺاهيون يار بهشت ۾، اتي مليسا الله
سلامن ساڻ يار ’پيرل چئي لڏينداسين لڏسا الله.
2. وڃڻ وايون ڪن، هلڻ هاڻا سپرنيا،
سوڙهي گھٽي هئا سڄڻا، مونکي گونگا ٿي م گڏيا،
ماڻهن جي مهلاز کان مون کي ڳالَوَ ڪين لڳا
’پيرل‘ اهو سانگو ئي ٻل، جيڪي سانگ لڏايا سڄڻا.
3.سکر بکر شهر جا نهاريم سڀ سير،
ڀائن ڀڳو ڀيرو، منهنجن ادن ڪيم اوير،
هيءَ نه هيءَ وير، پيرل اڄ سڀ نهاريم سڄڻا
(تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو‘ (قلمي) ايم. اي سنڌي فائنل 1987ع- شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور لاءِ لکيل مونوگراف ليکڪ: محمد شريف شاد سومرو، ص: 38).


هن صفحي کي شيئر ڪريو