پيرل سومرو: محمد پيرل ولد ساٿي (ٽيون) سومرو ڳوٺ ڌاران پور ۾ 1182ھہ / 1762ع ڌاري احمد شاھہ ابداليءَ جي دؤر ۾ شاھہ عبداللطيفرحه جي وفات کان 10 سال پوءِ پيدا ٿيو. پنھنجي شاعري ۾ ’پيرل‘ تخلص استعمال ڪيو آهي. هي ساٿي (اول) جي خاندان مان هو، جنهن جي نالي پٺيان ساٿاڻي پاڙو سڏبو اچي ٿو. سندس وفات کان اٺ سال اڳ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 1820ع ڌاري راھہ رباني ورتائين. سندس ڪجهہ بيت مليا آهن، هڪ تہ مڪمل بيت آهي، پر ٻہ بيت الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي آهن. هن جا ٽي بيت مليا آهن، جيڪي هن پنھنجي پيءُ جي وفات تي چيا آهن، جنهن ۾ هن پنھنجي دلي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. اهي بيت هن طرح آهن.
1. ساٿي مئين ساجهر، جو ڪيئه سڏا الله،
ادا سنگتي ڪونه ٿيئه، جو هيکلن ساڻا الله،
ڀونگيون ٺاهيون يار بھشت ۾، اتي مليسا ﷲ
سلامن ساڻ يار ’پيرل چئي لڏينداسين لڏسا ﷲ.
2. وڃڻ وايون ڪن، هلڻ هاڻا سپرنيا،
سوڙهي گهٽي هئا سڄڻا، مونکي گونگا ٿي م گڏيا،
ماڻهن جي مهلاز کان مون کي ڳالَوَ ڪين لڳا
’پيرل‘ اهو سانگو ئي ٻل، جيڪي سانگ لڏايا سڄڻا.
3.سکر بکر شھر جا نهاريم سڀ سير،
ڀائن ڀڳو ڀيرو، منهنجن ادن ڪيم اوير،
هيءَ نہ هيءَ وير، پيرل اڄ سڀ نهاريم سڄڻا
(تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو‘ (قلمي) ايم. اي سنڌي فائنل 1987ع- شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور لاءِ لکيل مونوگراف ليکڪ: محمد شريف شاد سومرو، ص: 38).