پيرل پياسي

’پيرل‘ پياسي: پير محمد عرف ’پيرل‘ پياسي ولد محمد حسين هولائي، ڳوٺ ميرپور ساڪري، ضلعي ٺٽي ۾ 1925ع ڌاري پيدا ٿيو. سنڌي فائنل سان گڏ ٿوري عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪيائين. روينيو کاتي ۾ قابل تپيدار شمار ڪيو ويندو هو. ضلعي ٺٽي جي تپيدار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري بہ ٿي رهيو. ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جو ابتدا کان وٺي شاعر رهيو، سندس ڪلام ”گراموفون ڪمپني ڪراچيءَ“ طرفان رڪارڊ ٿي، ملڪ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. سندس شاعريءَ جو گهڻو ڪري رجحان ڪافيءَ ڏانهن هو، ان ڪري عوام ۾ کيس ڪافي مقبوليت حاصل هئي. هو ساڳئي وقت ’بزمِ ادب‘ ميرپورساڪري جو صدر بہ ٿي رهيو آهي. ٺٽي جي مشھور استاد شاعر سيد زمان شاھہ ’ساقيءَ‘ جو ڪلام گڏ ڪري ڇپايائين. تاريخ 4 فيبروري 1981ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.00.00  عيسوي

پيرل پياسي 1925ع ڌاري ٺٽي ۾ پيدا ٿيو


1981.02.04  عيسوي

پيرل پياسي 4 فيبروري 1981ع تي وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم بن محمد صلي ﷲ عليہ وسلم
خانبهادر اَرد شير هرمسجي
شھداد خان ٽالپر اول
قاضي علي رضا
شڪيل
شبير ڪنڀار
پير ڪمال ڪمال فقير
حسين شاھہ فاضلاڻي
خدابخش سومري جي درگاھہ
راحيلا شر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون