پيرو کٽي: پيرو کٽيءَ جو اصل نالو احمد کٽي هو. ديھہ ولهاري، تعلقي بدين جو رهاڪو هو. شاھہ لطيف رح جو عقيدتمند هو. کيسَ ملير (کٿي) ٺاهڻ جو وڏو فن هوندو هو. هڪ دفعي شاھہ لطيف گهنور خان جت جي ڳوٺ ويو. جڏهن اها خبر پيرو کٽيءَ کي پئي، تڏهن پنھنجي ٺاهيل خاص ملير (کٿي)، حُب مان کڻي وڃي شاھہ صاحب جي ڪلهن ۾ وڌائين. قادري طريقي ۾ لطيف سائينءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. انهي جذبي کي ڏسي شاھہ صاحب جي خاص مريد رکئي لنڊ، پيرو کٽيءَ تان ٻہ اُٺ گهوري ڇڏيا، جيئن تہ اهي اُٺ، شاھہ لطيف تان بہ گهوريل هئا، ان ڪري پيرو کٽيءَ اهي پنھنجي استعمال ۾ نہ آندا. هو مرشد جي نسبت سان اُٺن جو ڏاڍو خيال رکندو هو. هن اُهي اُٺ شاھہ صاحب جي هڪ ٻئي عقيدتمند سوامي درٻار کي ڏئي ڇڏيا. جتي شاھہ صاحب اُٺن کي اڪثر ڏسڻ ويندو هو. پيرو کٽي سڄي زندگي پنھنجي مرشد شاھہ لطيف جي محبت جا ڍُڪ ڀريندي گذاري.