پيرياڻو گونڊائي

پيرياڻو گونڊائي: هي ماڳ زوب شھر کان 6 ڪلوميٽر اولھہ ۾ زوب نديءَ جي ڪناري تي آهي. هي قديم ماڳ پنھنجي خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هن ماڳ کي 1898ع ۾ لڌو ويو هو ۽ پهرين کوٽائي 1927ع ۾ ٿي. هي ماڳ ڌاتو- پاهڻي دؤر جو ماڳ آهي. 320 x 457.2 ميٽر جڏهن تہ تقريباً ساڍا ايڪيھہ فوٽ زمين جي سطح کان اوچو آهي. هتان ملندڙ ٺڪر تي بلوچي ثقافت جا چٽا چٽ نڪتل آهن. هتان ملندڙ ثقافتي وٿن ۾ دکيون، ساسرون، ڪوپ، ڳنايون، ٿالهيون، پاهڻي پتا، ٺڪر جا مڻڪا، مرد ۽ عورتن جا بوتا مليا آهن. ٺڪر تي گهڻو ڪري پکين، مڇين ۽ ٻين فطرتي نظارن جا چٽ چٽيل آهن. هتان ”ماتا“ جو پتلو بہ مليو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو