پيريڪلس
پيريڪلس (490-429 ق.م): پيريڪلس يونان جو اڪيلائپ جي زندگي گھاريندڙ، جذبن کان عاري ۽ مغرور شخص هو ۽ گھٽ ماڻهن سان دوستي رکندو هو. هو گھڻو وقت ڪم ۾ رڌل رهندو هو. ان هوندي به اٿينز جو عوام ٽيهن سالن تائين کيس اعليٰ سرڪاري عهدن لاءِ چونڊيندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ماڻهو کيـس جمهـوري آدرشن ۾ پخـتـو ويساهه رکندڙ شخص سمجھندا هئا. مـاڻهـن کـي پـورو يـقـيـن هـو تـه پيريڪلس سوچڻ، سکڻ ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ جي آزاديءَ جو ڪوڏيو آهي، جيڪي عمل صرف جمهوريت ۾ ئي ممڪن ٿي سگھن ٿا. عام ماڻهن جي ان ويساهه آڌار ئي پيريڪلس صدر ٿيندو رهيو. سندس دؤر کي اٿيني ثقافت جو سنهري دور ليکيو ويندو آهي. هن اٿيني جمهوري نظرين جو پرچار انهن جو ايترو فروغ ڪيو جو اٿينز سندس زماني ۾ سياسي طاقت جي عروج تي پهتل ”شهري رياست“ بڻجي ويو.
پيريڪلس يونان جي مالدار ۽ مشهور اٿيني خاندان مان هو. هو پهريون ڀيرو عوام ۾ انهيءَ زماني مقبول ۾ ٿيو. جڏهن انقلابي نوجوانن جي هڪ جٿي اٿينز جي اڳواٽ ٺهيل جمهوري آئين ۾ وڌيڪ جمهوري سڌارا آڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. غريب ماڻهن جي جمهوري حقن لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، ان پهرئين ڏاڪي طور کين اها ڪاميابي ٿي، جو ننڍن توڙي وڏن سرڪاري آفيسرن کان وٺي عوامي اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ جيورين لاءِ پگھار مقرر ٿيا. انهن سڌارن جي منظوريءَ کان ٿورو پوءِ 461 ق.م ۾ پيريڪلس کي اٿينز
جي ڏهن اسٽريٽجي يا جنرلن جي عهدن مان هڪ لاءِ چونڊيو ويو. انهيءَ عهدي تي هو ذري گھٽ پنهنجي موت تائين هر سال چونڊبو رهيو. اسيمبليءَ
کي اعليٰ ترين اختيار مليل هئا، پر عملي طور اسيمبلي ”پيريڪلس“ کي هر اهو اختيار ڏئي ڇڏيندي هئي جنهن جي هو گھر ڪندو هو.
يوناني شهري رياستن ۾ اٿينز اها واحد رياست هئي جنهن وٽ پنهنجو بحري ٻيڙو موجود هو ۽ ويڙهه هيءَ رياست ئي ڪندي هئي. ٻيون شهري رياستون صرف مرڪزي بيهڪ رکندڙ ٻيٽ ڊيلاس ۾ قائم خزاني ۾ رقمون جمع ڪرائينديون هيون. ان ڪري اها ڳالهه اوس هئي ته ٻين شهري رياستن کي اٿينز اتحادي سمجھڻ بدران ڏن ڀرو سمجھي، ساڻن اهو ورتاءُ ڪري جيڪو ڏن اڳاڙيندڙ رياست ڏن ڀريندڙ رياست سان ڪندي آهي. اٿينز رياست حڪم ڪندي هئي ته ته کين ڪيتري رقم خزاني ۾ ڪنهن به حالت ۾ جمع ڪرائڻي آهي ۽ ٻيون رياستون حڪم جي پوئواري ڪندي اها رقم ڀري ڏينديون هيون. نه رڳو ايترو پر ڪي مثال اهڙا به ملن ٿا، جڏهن اٿينز وارن پنهنجو رياستي نظام ٻين شهري رياستن تي زوريءَ مڙهي ڇڏيو هو. جڏهن ڪجھه ميمبرن استعيفيٰ ڏيڻ جي ڪئي ٿي، تڏهن فوجي طاقت جي استعمال سان کين دٻايو ويو ٿي.
پيريڪلس اٿينز کي يوناني رياستن جو سياسي ۽ ثقافتي اڳواڻ رياست بنائڻ ٿي چاهيو. ليگ وسيلي کيس اهڙي سياسي برتري حاصل هئي. ثقافتي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ هن اٿينز ۾ وڏي پئماني تي اڏاوتي ڪم شروع ڪرايا. 480 ق.م ۾ ايرانين هٿان جيڪي عبادتگاهون تباهه ۽ برباد ٿيون هيون، تن جي جاءِ تي نيون عبادتگاهون ٺهرايائين. عمارتن جي اڏاوت جي ڳري خرچ جي پورائيءَ لاءِ اٿينز وارن ليگ جي خزاني کي ڊيلاس مان منتقل ڪري اٿينز آندو. ليگ جي ڪجھه ميمبرن خزاني جي اٿينز ڏانهن منتقليءَ ۽ جنگي فنڊن کي عبادتگاهن ٺهرائڻ تي خرچ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. پر اٿينز وارن سندن اعتراضن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ اهي عبادتگاهون آهستي آهستي ٺهي تيار ٿيون. اسپارٽا، جيڪا اٿينز جي ڏاکڻي پاسي هڪ طاقتور رياست هئي اها ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاريندڙ رياست ثابت ٿي.
اسپارٽا ڪنهن زماني ۾ اٿينز جيتري ئي طاقتور رياست هوندي هئي، پر 490 ۽ 480 ق.م ۾ ايراني حملن جي ڪري ڪمزور ٿي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته وٽس بحري ٻيڙو ڪونه هو. جنهن سان هو جنگ جاري رکي سگھي ها. هن اٿينز جي وڌندڙ طاقت جي مزاحمت ڪندي ڊيلين ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان نابري واري ۽ عبادتگاهن جي اڏاوت لاءِ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. اُن بدران اسپارٽا ڪيو، جو ان جي چوڌاري جيڪي شهري رياستون هيون، تن سان پنهنجو اتحاد جوڙي ورتو. اٿينز جڏهن پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪئي ته ٻنهي رياستن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿيو ۽ منجهن ڪجھه وقت جنگ ٿيندي رهي. نيٺ اٿينز ۽ اسپارٽا 445 ق. م ۾ ٺاهه ڪيو. جنهن مطابق اٿينز جي سلطنت کي ٻيٽن ۽ سمنڊ پار يوناني شهري رياستن تائين محدود ڪيو ويو، جڏهن ته اسپارٽا گروپ کي زميني شهرن خاص ڪري پيليپونيسس وارن شهرن تي عملداري ڏني ويئي. ان ٺاهه کانپوءِ 30 سال امن امان قائم رهيو.
اٿينز ورثي طور دنيا کي ڪافي ڪجهه ڏنو ۽ سڄي دنيا جي حڪومتن تي ان جا اثر اڃا تائين قائم آهن. اٿينز دنيا جي اها پهرين قوم هئي، جنهن جي حڪومت اتان جي ماڻهن جي مرضيءَ مطابق هلائي ويندي هئي. ايٿنز کان دنيا کي جمهوريت جو نظريو مليو.