پيري/ پلوڪا/ افائلا: هي هڪ سڌين شاخن وارو کير ڏيندڙ ٻوٽو آهي. جنهن کي پن نہ ٿيندا آهن. هي 1.8 ميٽر کان 3 ميٽر تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هن جو ڇوڏو سائو ٿيندو آهي. جيڪڏهن پن ٿين بہ تہ تمام ننڍڙا ڇھہ ملي ميٽر جيترا ٿين، جيڪي مستطيل بيضوي شڪل تي هوندا آهن. پنن ۾ نسون نہ هونديون آهن. هن جا گل خوشبودار ۽ لسا هوندا آهن ۽ گهڻو ڪري هڪ ٻئي جي سامهون اڍائي سينٽي ميٽر ڊگها هوندا آهن. هن جا ٻج ڇھہ ملي ميٽر ڊگها هوندا آهن. هن ٻوٽي جا ٻارهن قسم ٿين ٿا. جيڪي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ٿين ٿا. جڏهن تہ برصغير ۾ هن ٻوٽي جا ڇھہ قسم ٿين ٿا. سنڌ ۾ هن ٻوٽي جو پيري/ پلوڪا/ افائلا قسم ٿئي ٿو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ بوءِ راءِ ۽ پنجابيءَ ۾ ’برابر‘ چيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جي آڪھہ Aculepedence آهي. مٿيون قسم عام جام آهي، جيڪو دادو، ٺٽي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿئي ٿو. هي گهڻو ڪري وارياسي جابلو علائقن ۾ ٿيندو آهي. پنجاب ۾ جھلم ۽ ان کان مٿي هماليہ جي لاهين ۾ راولپنڊي، هزارا، وزيرستان ۽ پوري بلوچستان ۾ بہ ٿئي ٿو.