پيرڪ: سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل هي ماڳ بلوچستان ۾ آهي، هي دڙو سبيءَ کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ ناڙي ندي/ نئن جي اڀرندي ڪناري تي سکر- سبي روڊ کان ڏکڻ اولھہ ۾ موجود آهي، دڙو 49000 ميٽرن (12 ايڪڙن) جي ايراضي تي ڦهليل آهي، جنهن جي اوچائي 8 ميٽر آهي، هن دڙي کي سڀ کان پهرين 1963ع ۾ رابرٽ ريڪس (Rober Raiks) نالي قديم آثارن جي ماهر ڳولي لڌو هو، 1963ع کان 1974ع تائين هن دڙي جي کوٽائي جين ميري ڪزال (Jean Marie Casal) نالي فرانس جي قديم آثارن جي ماهر، پاڪستان آرڪيالاجي کاتي جي تعاون سان ڪئي هئي، جڏهن تہ سنڌ جو قديم آثارن جو ماهر سيد حاڪم علي شاھہ بہ هن کوٽائيءَ ۾ پنھنجي کاتي پاران 1969ع ۽ 1972ع ۾ شامل هو. ماهرن جو اندازو آهي تہ هي ماڳ 1800 ق. م کان 800 ق. م تائين آباد هو.
هتان کوٽائيءَ دوران سڀ کان هيٺين ڪَٺائي (Accumulation) مان سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل ڪي وٿون مليون، جن ۾ سنڌو مھر بہ هئي، پر پوءِ خبر ناهي تہ ڪهڙي سبب ۽ ڪيتري عرصي تائين ماڳ غير آباد رهيو. بهرحال، انهيءَ اجاڙ واري سطح کان پوءِ واري ڪَٺ مان ٽي رهائشي مرحلا ظاهر ٿيا.
لوھہ جو ثبوت بہ هن وقت تائين سنڌ بلوچستان جي انهي ماڳ تان 1000 ق. م ڌاري ملي ٿو. هتان لڌل اُٺ جي هڏن مان ظاهر ٿيو تہ اهي ٻن ٿوهن واري باختري (Bactrian) اُٺ جا هئا. پهرئين دور واري تھہ مان ڪچين سرن جا ٿلها مليا آهن، جيڪي ڪافي وڏا آهن، جن تي رهائشي جايون ٺهيل آهن. هتان ملندڙ ٺڪراٺو هٿ جو ٺهيل، کهرو آهي، جنهن تي ٿلهيون ليڪون نڪتل آهن، ان کانسواءِ ٺڪر تي هٿ جي آڱرين جا نشان بہ ملن ٿا، هتان مٽيءَ جون ٺهيل مورتيون، ٺڪر جا ٿانو ۽ ٻيون وٿون، جن ۾ گول بٽڻ جهڙيون ٽڪيون، گهوڙي ۽ اٺ جا مٽيءَ جا بوتا مليا آهن، انهيءَ دور واري تھہ مان انهن جانورن جا هڏا بہ ملن ٿا. ٻئي دور ۾ گهٽ وڌ ساڳيون ٺڪريون ۽ وٿون، پر جهجهي تعداد ۾ ملن ٿيون، هن تھہ مان نہ رڳو مٿين جانورن جون مورتيون پر انسان جو مورتيون بہ مليون آهن، ٽامي ۽ ڪنجهي جا اوزار بہ ملن ٿا، ان کانسواءِ لوھہ جي استعمال جا آثار بہ مليا آهن. هن دؤر جو وقت 1370ع کان شروع ٿئي ٿو. ٽئين دور (800- 1000 ق. م) ۾ ٺڪراٺي سان گڏ، ٽامي، ڪنجهي ۽ خاص طور لوھہ مان ٺهيل نوادرات ۽ اوزار گهڻي تعداد ۾ مليا آهن، کوٽائيءَ دوران ٽئين دور جي وٿن ۾ جَوَن ۽ چانورن جا داڻا بہ مليا آهن، پيرڪ ۾ پهريون ڀيرو اناج جي هنن قسمن ملڻ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ انهن فصلن جي پوکائي بلوچستان جي هن حصي ۾ ٿي. آخري دؤر ۾ سادو گهاٽو خاڪي Grey- Black ٺڪر بہ ملي ٿو. ٿانوَن تي رنگ اهڙو آهي، جهڙو هتي جي عام ماڳن تي مليو آهي. پٿر جي اوزارن ۾ اهڙا پتا (Blades) مليا آهن، جن کي ڏندا آهن، شايد هي اوزار هڏي ۽ عاج تي ڪم ڪرڻ لاءِ ممڪن يا فصل ڪٽڻ لاءِ ڏاٽي طور ان زماني ۾ ڪم ايندا هجن.