پير آغا عبدالرحيمرح: پير آغا عبدالرحيم جي ولادت 1222 ھہ/ 1807ع ۾ نجراب، قنڌار ۾ ٿي. هن جو لقب شھاب الدين هو، جڏهن تہ پيار مان کيس ”آغا صاحب“ جي نالي سان سڏيندا هئا. سمجهہ ڀريي ٿيڻ بعد کيس مير برڪت ﷲ وٽ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ۽ ظاهري علم سيکارڻ لاءِ استاديءَ جو ذمو سندن والد پنھنجي سر تي کنيو.
پير آغا جي عمر جڏهن چوڏهن ورهيہ ٿي تہ سندس والد کيس حج تي وٺي ويو. سنڌ مان لنگهندي، لاڙ جي علائقي ۾ نمن جي ڳوٺ ۾ سندس والد، خليفي احمد خان نظاماڻيءَ کي آغا صاحب کي نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي، پر خليفو صاحب ضعيف ۽ بيماري هو، ان ڪري لاچاري ڏيکاريائين ۽ کيس ئي چيائين آغا صاحب کي اوهان ئي نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪريو، ان تي سندس والد کيس نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو. آغا صاحب قادري ۽ چشتي طريقي ۾ بہ پنھنجي والد جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ بعد ۾ سهروردي، ڪبروي، مداري ۽ قلندري طريقي جي نسبت بہ والد کان حاصل ڪيائين. آغا صاحب 1238 ھہ/ 1822ع ۽ 1239 ھہ/ 1823ع ۾ پنھنجي والد سان گڏ بہ حج ڪيا. ان بعد ٽيون حج ڪيائون ۽ 1241 ھہ مطابق 1825ع ۾ چوٿين حج تي روانو ٿيو ۽ حيدرآباد ۾ واپس اچي خاص ۽ عام کي فيض ڏيڻ لڳو. آغا صاحب افغانستان ۾ سورش ٿيڻ ۽ حڪومت ۾ تبديلي اچڻ ڪري اتي جي حالتن کان دل برداشتہ ٿي قنڌار کي هميشہ لاءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئين وطن طور مٽياري سنڌ کي چونڊيائين، جتي سندن پڦيءَ جي مزار اڳيئي موجود هئي. موجودہ گادي نشين پير غلام مجدد جي روايت موجب ان لاءِ کيس بيبي صاحبہ پاران خواب ۾ تاڪيد ڪئي وئي هئي. سندس مٽياريءَ ۾ سڪونت بعد شھر جي رونق ٻيڻي ٿي وئي. عوام ۽ خواص، جيڪي سندس شخصيت کان اڳيئي واقف هئا، سندس در تي ملاقات لاءِ قطار در قطار اچڻ لڳا، جنهن ۾ امير ۽ غريب هر ذات جا مشاهير سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ ۽ فيض وٺڻ لاءِ شامل هئا. آغا صاحب جي وفات 24 جمادي الاول 1314 ھہ/ 1896ع ۾ 92 ورهين جي ڄمار ۾ ۽ ڊگهي علالت بعد ٿي. علالت جي حالت ۾ بہ پنج وقت نماز ۽ تھجد نہ ڇڏيائين. پير سائين غلام رسول سرهندي ”لذت الارواح“ ۽ ”سوانح حيات حضرت آقا غلام مجدد سرهندي صاحب رحه“ ڪتابن ۾ ڄاڻايو آهي تہ هن بزرگ ئي پنھنجي والد جي مزار تي هڪ عظيم الشان مقبرو اڏرايو هو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي.