پير آف راڻيپور

پير آف راڻيپور (عبدالقادر شاهه جيلاني): پير آف راڻيپور، پير عبدالقادر شاهه جيلاني ولد سيد احمد شاهه جيلاني، مشهور پ پ پ اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هن 1932ع ڌاري راڻيپور ۾ جنم ورتو. پير صاحب انتهائي نرم مزاج ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. هو شڪار جو شوقين ۽ نشاني بازيءَ ۾ بي مثال هو. اڪثر نالي وارا زميندار ۽ جنرل وٽس شڪار ڪرڻ ايندا هئا. هو فيصلا ڪرڻ جو وڏو امين هو ۽ برادرين جا راڄوڻي فيصلا ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. کيس برادرين جا چڱا مڙس وڏي عزت ڏيندا هئا. سندس شرافت بي مثال هئي. ڏوهارين کي ڪڏهن به ويجهو نه رکيائين. فيصلن ۾ مڪمل انصاف ڪندو هو. پير صاحب ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو شوقين ۽ پارکو هو. وٽس وقت جا ناميارا استاد ۽ گوَيا، استاد عبدالڪريم خان، استاد نزاڪت علي خان، قيصر ٻائي، رسولن ٻائي وغيره سندس اوطاق تي راڳ جون محفلون رچائيندا هئا. هو هر سال پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي يارهين شريف وڏي عقيدت سان ملهائيندو هو ۽ ان موقعي تي قادري طريقي جي وڏن عالمن کان واعظ ڪرائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي سجاده نشين کي بغداد مان مدعو به ڪندو هو. پير صاحب ٽي حج ۽ پنج عمرا ڪيا. سندس ڏاڏو پير ابو محمد صالح شاهه وڏو شاعر هو. جنهن جو اڪثر ڪلام کيس ياد هوندو هو. کيس پنهنجي ڏاڏي جو ڪلام سهيڙي، ڇپرائڻ جو وڏو شوق هو، پر هو زندگيءَ ۾ سندس ڪلام ڇپائي نه سگهيو.
پير عبدالقادر شاهه جيلانيءَ، 1961ع ۾ پهريون ڀيرو پير صاحب پاڳاري جي ڀاءُ پير نادر شاهه کان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ کٽي، جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه کان به ٽي ڀيرا چونڊون کٽيائين. پير عبدالقادر شاهه جيلاني، پنج ڀيرا ايم. اين. اي ۽ ٻه ڀيرا وفاقي وزير ٿيو. هي وڏو اثر وارو ۽ صاحب راءِ شخص هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو به سندس راءِ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ ڪيترا ڀيرا پارٽي ٽڪيٽون سندس صلاح سان ڏنائون. پير صاحب نعيم احمد کرل، محرم علي شيخ، سيد بچل شاهه بخاري، سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ ٻين جي چونڊ مهم هلائي، کين ڪامياب ڪرايو.
پير صاحب 3 مارچ 2011ع تي راولپنڊيءَ جي هڪ اسپتال ۾ دل جي تڪليف سبب وفات ڪئي. جتان سندس مڙهه کڻائي راڻيپور شهر آندو ويو ۽ کيس درگاهه غوثيه جي آڳنڌ ۾ دفن ڪيو ويو. پير صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي درگاهه غوثيه جي احاطي ۾ پنهنجي قبر لاءِ جاءِ مخصوص ڪري، مقبرو جوڙائي ڇڏيو هو، جتي ئي کيس دفن ڪيو ويو. سندس فرزندن ۾ پير فضل علي شاهه، پير احمد رضا شاهه عرف پيار علي شاهه، پير راجا سائين، پير ظهور علي عرف ابن شاهه ۽ پير غلام محي الدين شاهه شامل آهن، جيڪي به وڏي اثر وارا آهن.
پير آقا غلام مجدد: پير آغا غلام مجدد جي والد بزرگوار جو نالو خواجه عبدالحليم هو. آقا غلام مجدد 6 رجب المرجب 1300 هه/ 13 مئي 1883ع ۾ شهر مٽياريءَ ۾ ڄائو. ديني تعليم قاضي عبدالرحمان مٽياروي ۽ مولوي حسن الله پاٽائيءَ کان ورتائين ۽ ان وٽ ئي سندس دستاربندي ٿي. ان کانسواءِ فارسي تعليم مٽياريءَ جي عالم قاضي عنايت الله ”بيراڳيءَ“ کان ورتائين.
هن 1321 هه/ 1903ع ۾ حج ڪيو. روايت آهي ته حجاز ۾ کيس ڪنهن شخص هڪ لک روپيا هندستان جي ڪنهن ماڻهوءَ کي پڄائڻ لاءِ ڏنا. پير صاحب پئسا ڏيندڙ کي چيائين ته جيڪڏهن اجازت هجي ته هو انهن پئسن مان ڪتاب خريد ڪري، هندستان واري همراهه کي ڳوٺان پئسا ڏيارائي. ان همراهه کيس اهڙي اجازت ڏني ۽ پير صاحب انهيءَ رقم جا مختلف علمن بابت عربي ڪتاب خريد ڪيا، ان ڳالهه مان سندس علم سان محبت ظاهر ٿئي ٿي.
جڏهن پهرين جنگ عظيم کانپوءِ، ترڪ خلافت کي ختم ڪرڻ لاءِ جڏهن سازشون ڪيون ويون ته سڄي اسلامي دنيا ان سلسلي ۾ غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ رد عمل طور خلافت تحريڪ هلائي وئي، جنهن ۾ پير غلام مجدد ابتدا کان ئي زور شور سان حصو ورتو. ان ڏس ۾ 1990ع ڌاري مٽياريءَ ۾ هڪ جلوس ڪڍيو ويو. جنهن تي پوليس گولي هلائي، جنهنڪري خلافت تحريڪ جو هڪ سرگرم ڪارڪن آخوند محمد رحيم شهيد ٿي ويو، جيڪو سڄي هندستان ۾ خلافت تحريڪ جو پهريون شهيد هو.
پير صاحب هن تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي. پنهنجي شهر مٽياريءَ ۾ خلافت ڪانفرنسون ڪوٺايائين، جن ۾ سماج جي هر طبقي حصو ورتو. انهن ڪانفرنسن جي ڪاميابيءَ جو ذڪر ان دور جي اخبارن ”الوحيد“ ۽ هفتيوار ”الامين“ ۾ موجود آهي.
8، 9، 10 جولاءِ 1921ع تي ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين احمد مدني، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، مولانا نثار احمد ڪانپوري، شري شنڪر آچاريه، ڊاڪٽر تيرٿداس ۽ سنڌ مان پير غلام مجدد شامل ٿيا هئا، هنن اتي اها قرارداد پاس ڪرائي هئي ته انگريزن جي فوج ۾ شامل ٿيڻ جائز نه آهي ۽ ڳالهه اسلامي تعليم ۽ هدايتن جي خلاف آهي. ان قرارداد جي بنياد تي مشهور زمانه ”خالقڏنو هال مقدمو“ هليو. ان مقدمي دوران غلام مجددرح کي حڪومت پاران پير تراب علي شاهه ذريعي خريدڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر هي جهڪڻ ۽ ڊڄڻ سکيو ئي نه هو. کيس پنهنجي والده ”بي امان“ نياپو موڪليو ته ”پٽ تون جيڪڏهن ڊنين، جهڪئين يا سرڪار جي حمايت ڪَيئي ته قيامت جي ڏينهن تو کي ٿڃ نه بخشينديس“. هن نه رڳو ماءُ جي لفظن کي مان ڏنو ۽ ان جي حرمت برقرار رکي، پر پنهنجي سامراج دشمن سوچ کي به بلند رکيو. هن عدالت کي ڏنل بيان ۾ انهن ڌمڪين جو واضح طور ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هو هن حڪومت کي اسلام ۽ ملڪ دشمن سمجهي ٿو، انڪري معافي وٺڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
سندس ان بيباڪ بيان تي کيس ٻن سالن جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي. اهي ٻئي ورهيه کيس مختلف اذيتون به ڏنيون ويون. سندن کوليءَ جي بيت الخلا جو گٽر ڄاڻي واڻي بند ڪيو ويندو هو. جنهنڪري پاڻي اٿلي کوليءَ ۾ اچي پوندو هو. اهو انڪري ڪيو ويندو هو ته جيئن هو اهڙي ماحول ۾ هو تلاوت نه ڪري سگهي. پير صاحب کي ٻين قيدين سان ملڻ کان به روڪيو ويندو هو. ان سلسلي ۾ ”الوحيداخبار جي 16 اپريل 1923ع واري اشاعت ۾ تفصيلي رپورٽ ڇپيل آهي.
اهڙين سختين جي باوجود هن انهن ٻن سالن ۾ قرآن شريف حفظ ڪري ورتو ۽ مصيبتون کيس اصولي مؤقف تان تر جيترو به هٽائي نه سگهيون.
پير صاحب ڪٽر مذهبي نه هو. جنهن جو اندازو خلافت تحريڪ دوران غير مسلم سياستدان سان سندن اُٿي ويٺيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو. البت مسجد منزل گاهه ۽ لنواري جي حج وارن معاملن تي هن مصلحت کان ڪم نه ورتو ۽ جيل به ويو.
پير صاحب خلافت تحريڪ کانسواءِ ڪجهه عرصو جميعت العلماءِ هند جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ٺاهيل آزاد سنڌ جماعت جو ضلعي حيدرآباد جو به سيڪريٽري پڻ رهيو، جنهن جو مقصد عوام کي هر اهڙي ڪم جي خلاف تيار ڪرڻ هو، جنهن ۾ سنڌ جي آزاد حيثيت کي تسليم نه ڪيو ويو هجي. پير صاحب نظرياتي سوچ جي ڄاڻ ”الـوحيـد“ جي 18 سيپٽمبر 1920ع واري شماري ۾ ترڪ موالات (سول نافرماني) جي حوالي سان پيرن ۽ گادي نشينن لاءِ ڇپيل پيغام مان چڱيءَ طرح پئجي سگهي ٿي، جنهن ۾ پير کين پيريءَ جي منصب جو خيال رکڻ، اسلام سان سچو رهڻ ۽ عوام جو هڏ ڏوکي ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. پير صاحب جي ڪري مٽياري شهر برصغير جي سياست جو هڪ اهم مرڪز رهيو. سندس لاڳاپي سبب مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جهڙيون اهم شخصيتون هتي آيون، هن قسم جي ملڪي سياست ۾ پير صاحب جي والده ”بي امان“ جو به وڏو ڪردار آهي. آخري عمر ۾ اقتدار لاءِ سياست ٿيندي ڏسي، سياست کان ئي ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. سندس وفات 16 جماد الثاني 1377 هه بمطابق 7 جنوري 1958ع تي ٿي.


لفظ پير آف راڻيپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو