پير آف راڻيپور (عبدالقادر شاھہ جيلاني): پير آف راڻيپور، پير عبدالقادر شاھہ جيلاني ولد سيد احمد شاھہ جيلاني، مشھور پ پ پ اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هن 1932ع ڌاري راڻيپور ۾ جنم ورتو. پير صاحب انتهائي نرم مزاج ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. هو شڪار جو شوقين ۽ نشاني بازيءَ ۾ بي مثال هو. اڪثر نالي وارا زميندار ۽ جنرل وٽس شڪار ڪرڻ ايندا هئا. هو فيصلا ڪرڻ جو وڏو امين هو ۽ برادرين جا راڄوڻي فيصلا ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. کيس برادرين جا چڱا مڙس وڏي عزت ڏيندا هئا. سندس شرافت بي مثال هئي. ڏوهارين کي ڪڏهن بہ ويجهو نہ رکيائين. فيصلن ۾ مڪمل انصاف ڪندو هو. پير صاحب ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو شوقين ۽ پارکو هو. وٽس وقت جا ناميارا استاد ۽ گوَيا، استاد عبدالڪريم خان، استاد نزاڪت علي خان، قيصر ٻائي، رسولن ٻائي وغيرہ سندس اوطاق تي راڳ جون محفلون رچائيندا هئا. هو هر سال پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي يارهين شريف وڏي عقيدت سان ملهائيندو هو ۽ ان موقعي تي قادري طريقي جي وڏن عالمن کان واعظ ڪرائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي سجادہ نشين کي بغداد مان مدعو بہ ڪندو هو. پير صاحب ٽي حج ۽ پنج عمرا ڪيا. سندس ڏاڏو پير ابو محمد صالح شاھہ وڏو شاعر هو. جنهن جو اڪثر ڪلام کيس ياد هوندو هو. کيس پنھنجي ڏاڏي جو ڪلام سهيڙي، ڇپرائڻ جو وڏو شوق هو، پر هو زندگيءَ ۾ سندس ڪلام ڇپائي نہ سگهيو.
پير عبدالقادر شاھہ جيلانيءَ، 1961ع ۾ پهريون ڀيرو پير صاحب پاڳاري جي ڀاءُ پير نادر شاھہ کان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ کٽي، جڏهن تہ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ پير صدرالدين شاھہ کان بہ ٽي ڀيرا چونڊون کٽيائين. پير عبدالقادر شاھہ جيلاني، پنج ڀيرا ايم. اين. اي ۽ ٻہ ڀيرا وفاقي وزير ٿيو. هي وڏو اثر وارو ۽ صاحب راءِ شخص هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو بہ سندس راءِ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ ڪيترا ڀيرا پارٽي ٽڪيٽون سندس صلاح سان ڏنائون. پير صاحب نعيم احمد کرل، محرم علي شيخ، سيد بچل شاھہ بخاري، سيد جاويد شاھہ جيلاني ۽ ٻين جي چونڊ مھم هلائي، کين ڪامياب ڪرايو.
پير صاحب 3 مارچ 2011ع تي راولپنڊيءَ جي هڪ اسپتال ۾ دل جي تڪليف سبب وفات ڪئي. جتان سندس مڙھہ کڻائي راڻيپور شھر آندو ويو ۽ کيس درگاھہ غوثيه جي آڳنڌ ۾ دفن ڪيو ويو. پير صاحب پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي درگاھہ غوثيه جي احاطي ۾ پنھنجي قبر لاءِ جاءِ مخصوص ڪري، مقبرو جوڙائي ڇڏيو هو، جتي ئي کيس دفن ڪيو ويو. سندس فرزندن ۾ پير فضل علي شاھہ، پير احمد رضا شاھہ عرف پيار علي شاھہ، پير راجا سائين، پير ظھور علي عرف ابن شاھہ ۽ پير غلام محي الدين شاھہ شامل آهن، جيڪي بہ وڏي اثر وارا آهن.
پير آقا غلام مجدد: پير آغا غلام مجدد جي والد بزرگوار جو نالو خواجہ عبدالحليم هو. آقا غلام مجدد 6 رجب المرجب 1300 ھہ/ 13 مئي 1883ع ۾ شھر مٽياريءَ ۾ ڄائو. ديني تعليم قاضي عبدالرحمان مٽياروي ۽ مولوي حسن ﷲ پاٽائيءَ کان ورتائين ۽ ان وٽ ئي سندس دستاربندي ٿي. ان کانسواءِ فارسي تعليم مٽياريءَ جي عالم قاضي عنايت ﷲ ”بيراڳيءَ“ کان ورتائين.
هن 1321 ھہ/ 1903ع ۾ حج ڪيو. روايت آهي تہ حجاز ۾ کيس ڪنهن شخص هڪ لک روپيا هندستان جي ڪنهن ماڻهوءَ کي پڄائڻ لاءِ ڏنا. پير صاحب پئسا ڏيندڙ کي چيائين تہ جيڪڏهن اجازت هجي تہ هو انهن پئسن مان ڪتاب خريد ڪري، هندستان واري همراھہ کي ڳوٺان پئسا ڏيارائي. ان همراھہ کيس اهڙي اجازت ڏني ۽ پير صاحب انهيءَ رقم جا مختلف علمن بابت عربي ڪتاب خريد ڪيا، ان ڳالھہ مان سندس علم سان محبت ظاهر ٿئي ٿي.
جڏهن پهرين جنگ عظيم کانپوءِ، ترڪ خلافت کي ختم ڪرڻ لاءِ جڏهن سازشون ڪيون ويون تہ سڄي اسلامي دنيا ان سلسلي ۾ غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ رد عمل طور خلافت تحريڪ هلائي وئي، جنهن ۾ پير غلام مجدد ابتدا کان ئي زور شور سان حصو ورتو. ان ڏس ۾ 1990ع ڌاري مٽياريءَ ۾ هڪ جلوس ڪڍيو ويو. جنهن تي پوليس گولي هلائي، جنهنڪري خلافت تحريڪ جو هڪ سرگرم ڪارڪن آخوند محمد رحيم شھيد ٿي ويو، جيڪو سڄي هندستان ۾ خلافت تحريڪ جو پهريون شھيد هو.
پير صاحب هن تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي. پنھنجي شھر مٽياريءَ ۾ خلافت ڪانفرنسون ڪوٺايائين، جن ۾ سماج جي هر طبقي حصو ورتو. انهن ڪانفرنسن جي ڪاميابيءَ جو ذڪر ان دور جي اخبارن ”الوحيد“ ۽ هفتيوار ”الامين“ ۾ موجود آهي.
8، 9، 10 جولاءِ 1921ع تي ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين احمد مدني، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، مولانا نثار احمد ڪانپوري، شري شنڪر آچاريه، ڊاڪٽر تيرٿداس ۽ سنڌ مان پير غلام مجدد شامل ٿيا هئا، هنن اتي اها قرارداد پاس ڪرائي هئي تہ انگريزن جي فوج ۾ شامل ٿيڻ جائز نہ آهي ۽ ڳالھہ اسلامي تعليم ۽ هدايتن جي خلاف آهي. ان قرارداد جي بنياد تي مشھور زمانه ”خالقڏنو هال مقدمو“ هليو. ان مقدمي دوران غلام مجددرح کي حڪومت پاران پير تراب علي شاھہ ذريعي خريدڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر هي جهڪڻ ۽ ڊڄڻ سکيو ئي نہ هو. کيس پنھنجي والدہ ”بي امان“ نياپو موڪليو تہ ”پٽ تون جيڪڏهن ڊنين، جهڪئين يا سرڪار جي حمايت ڪَيئي تہ قيامت جي ڏينهن تو کي ٿڃ نہ بخشينديس“. هن نہ رڳو ماءُ جي لفظن کي مان ڏنو ۽ ان جي حرمت برقرار رکي، پر پنھنجي سامراج دشمن سوچ کي بہ بلند رکيو. هن عدالت کي ڏنل بيان ۾ انهن ڌمڪين جو واضح طور ذڪر ڪيو ۽ چيو تہ هو هن حڪومت کي اسلام ۽ ملڪ دشمن سمجهي ٿو، انڪري معافي وٺڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
سندس ان بيباڪ بيان تي کيس ٻن سالن جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي. اهي ٻئي ورهيہ کيس مختلف اذيتون بہ ڏنيون ويون. سندن کوليءَ جي بيت الخلا جو گٽر ڄاڻي واڻي بند ڪيو ويندو هو. جنهنڪري پاڻي اٿلي کوليءَ ۾ اچي پوندو هو. اهو انڪري ڪيو ويندو هو تہ جيئن هو اهڙي ماحول ۾ هو تلاوت نہ ڪري سگهي. پير صاحب کي ٻين قيدين سان ملڻ کان بہ روڪيو ويندو هو. ان سلسلي ۾ ”الوحيد“ اخبار جي 16 اپريل 1923ع واري اشاعت ۾ تفصيلي رپورٽ ڇپيل آهي.
اهڙين سختين جي باوجود هن انهن ٻن سالن ۾ قرآن شريف حفظ ڪري ورتو ۽ مصيبتون کيس اصولي مؤقف تان تر جيترو بہ هٽائي نہ سگهيون.
پير صاحب ڪٽر مذهبي نہ هو. جنهن جو اندازو خلافت تحريڪ دوران غير مسلم سياستدان سان سندن اُٿي ويٺيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو. البت مسجد منزل گاھہ ۽ لنواري جي حج وارن معاملن تي هن مصلحت کان ڪم نہ ورتو ۽ جيل بہ ويو.
پير صاحب خلافت تحريڪ کانسواءِ ڪجهہ عرصو جميعت العلماءِ هند جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ٺاهيل آزاد سنڌ جماعت جو ضلعي حيدرآباد جو بہ سيڪريٽري پڻ رهيو، جنهن جو مقصد عوام کي هر اهڙي ڪم جي خلاف تيار ڪرڻ هو، جنهن ۾ سنڌ جي آزاد حيثيت کي تسليم نہ ڪيو ويو هجي. پير صاحب نظرياتي سوچ جي ڄاڻ ”الـوحيـد“ جي 18 سيپٽمبر 1920ع واري شماري ۾ ترڪ موالات (سول نافرماني) جي حوالي سان پيرن ۽ گادي نشينن لاءِ ڇپيل پيغام مان چڱيءَ طرح پئجي سگهي ٿي، جنهن ۾ پير کين پيريءَ جي منصب جو خيال رکڻ، اسلام سان سچو رهڻ ۽ عوام جو هڏ ڏوکي ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. پير صاحب جي ڪري مٽياري شھر برصغير جي سياست جو هڪ اهم مرڪز رهيو. سندس لاڳاپي سبب مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جهڙيون اهم شخصيتون هتي آيون، هن قسم جي ملڪي سياست ۾ پير صاحب جي والدہ ”بي امان“ جو بہ وڏو ڪردار آهي. آخري عمر ۾ اقتدار لاءِ سياست ٿيندي ڏسي، سياست کان ئي ڪنارہ ڪشي اختيار ڪيائين. سندس وفات 16 جماد الثاني 1377 ھہ بمطابق 7 جنوري 1958ع تي ٿي.