پير آقا محمد اسماعيل جان مولانا

پير آقا محمد اسماعيل جان، مولانا: ناميارو شاعر ۽ هڪ سياسي اڳواڻ پير آقا محمد اسماعيل جان ولد پير آقا محمد حسين جان جو جنم 24 جون 1890ع تي ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم علامہ يوسف کان ورتي، ان کان پوءِ محمد هارون دلگير کان قرآن مجيد، سنڌي، فقہ ۽ فارسي پڙهي فارغ التحصيل ٿيو، هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز تحريڪ خلافت کان ڪيو، هن ان تحريڪ ۾ خلافتي عالمن جي جاري ڪيل فتوائن جي تصديق ڪئي ۽ ان تحريڪ لاءِ انگوره فنڊ ۾ مالي مدد پڻ ڪيائين ان کان سواءِ هو جميعتي عالمن مان هو ۽ جمعيت العلماءِ ۾ رهي وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪيائين. سندس ئي ڪوششن سان ميرپور خاص ۾ جمعيت العلماءِ جي شاخ قائم ٿي ۽ پاڻ ان جماعت جو باني صدر بڻيو، ان کان پوءِ هن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندي، هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ”مسجد منزل گاھہ“ واري مسئلي کي هٿ ۾ کنيو، هو سياستدان هئڻ سان گڏ شاعر، ليکڪ بہ هو، شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”روشن“ هو. سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن طرح آهي: (1) ديوان روشن (فارسي)، (2) انشائ روشن وخطبه هائ نظم ۽ نثر (فارسي)، (3) نسيم چمن در تتبع نفحة اليمن (فـارسـي)، (4) جـواهـر نفسيه (تصوف بابت)، (5) ديوان روشن (سنڌي) ۽ (6) خطبات سنڌي (منظوم). مولانا، پير آقا محمد اسماعيل جان، 14 جماد الثاني 1361ھہ بمطابق 29 جون 1942ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.06.24  عيسوي

پير آقا محمد اسماعيل جان ولد پير آقا محمد حسين جان جو جنم 24 جون 1890ع تي ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو،


1942.06.29  عيسوي

مولانا، پير آقا محمد اسماعيل جان، 14 جماد الثاني 1361هه بمطابق 29 جون 1942ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ غلام عباس
رحمت ﷲ پيرزادو اول
پئبلو نرودا
شاھہ عنات رضوي ميون
غلام شاھہ سيد
ڀيرجي ٺڪَر
محمد زمان شاھہ ساقي ٺٽوي
چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
اويڙ پلي
بچل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون