پير ابو محمد صالح شاھہ جيلاني

پير ابو محمد صالح شاھہ جيلاني: پير صالح شاھہ جيلاني 1870ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو. هو درگاھہ راڻيپور جو سجادہ نشين، بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس درگاھہ کي ’دستگير جو دروازو‘ سمجهيو ويندو آهي، جتي پيري مريديءَ وارو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هن سياست ۾ بہ حصو ورتو، خلافت تحريڪ ۾ هن انگريزن جي حق ۾ جاري ڪيل فتوا تي صحي ڪئي هئي ۽ انگريزن جي وفادارن مان هڪ هو. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته، اُن تحريڪ جي خلاف انگريزن ’امن سڀا‘ نالي جماعتون ٺهرايون، جن جو سڀ کان وڏو ميڙاڪو راڻيپور ۾ هن ئي ڪرايو، سيد صالح محمد شاھہ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. سندس شاعري سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ آهي. هن 1943ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار راڻيپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو