پير احسان ﷲ شاھہ راشدي

پير، احسان شاھہ راشدي: پير احسان شاھہ ولد پير رشد شاھہ راشدي تاريخ 27 رجب سن 1313ھہ مطابق 15 جنوري 1896ع تي ڳوٺ پير جهنڊي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو، تعليم پنھنجي ڳوٺ جي مدرسي ”دارالرشاد“ مان حاصل ڪيائين. علمي فراغت کان پوءِ پاڻ کي پيريءَ مريديءَ ۾ مشغول رکيائين. هي وڏو علم دوست ۽ ادب پرور انسان هو. هن عاليشان ڪتبخانو تيار ڪيو. ان کان سواءِ کيس تحرير ۽ تقرير جي فن ۾ بہ مهارت حاصل هئي. سندس لکيل ڪجهہ ڪتاب هن ريت آهن:
(1) رسـالــو ’الـمـقـالة الـمـحبـوبـة فـي الـدعـاءِ بعـد صـلـواة امـڪتوبة‘، (2) ’خيمة الزجاجة في شرح ابن ماجة‘.
جڏهن سنڌ ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو تہ پاڻ ان ۾ ڀرپور حصو وٺي انگريزن خلاف ڪم ڪيائين. تاريخ 15 شعبان سن 1358ھہ مطابق 30 سيپٽيمبر 1939ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو