پير اسماعيل مقام: تعلقي دادوءَ جي مشھور شھر پاٽ جي اوڀر- اتر ۾ جيڪو روڊ سيتا ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ روڊ تي هي قبرستان 270˚57' 32" ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 670 52' 55" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هيءُ مقام پراڻي پاٽ جي دڙن تي ٺهيل آهي، جيڪا 14 صدي عيسوي يا ان کان بہ اڳ جي آهي. ڪجهہ گهر دڙي تي اڏجي ويا آهن، دڙي تي ڪلر تمام گهڻو آهي. جنهنڪري قبرون تہ لوڻاٺجي ويون آهن، پر گهر بہ ڪلراٺجي ويا آهن. پير اسماعيل ذات جو پنهور هو ۽ چيو وڃي ٿو تہ قلندر لعل شھباز جو ساٿي هو. جلال سرخ پوش ۽ ٻيا سندس وٽ ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان جو مقبرو بہ دڙي تي آهي.