پير الھداد جو ميلو: هيءُ ميلو جوهي تعلقي ۾ لڳندو آهي. شھر جوهيءَ کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي اتر ۾ پير الھداد جي مزار آهي. هيءُ هڪ پراڻو مقام آهي ۽ هي بزرگ ذات جو لنڊ چيو وڃي ٿو، جنهن جي مزار تي هر سال بڊي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي. ڪڏهن برساتن جي ڪري ميلي جون تاريخون بدلائي بہ ڇڏيندا آهن. درگاھہ تي راڳ جو خاص انتظام هوندو آهي.