پير اڀو شھيد مسجد: هيءَ مسجد ڪلھوڙن جي صاحبيءَ جي چئي وڃي ٿي، جيڪا ڳوٺ ۽ ديھه اڀو شھيد- تعلقي نوابشاھہ ۽ ضلعي نوابشاھہ (هاڻي بينظير آباد) ۾ واقع آهي. ھن جي ڏکڻ اولھہ ۾ 4 ڪلو ميٽرن تي منڍ جمڙائو ۽ اولھہ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر تي ميرمحمد جوڻيجي جو ڳوٺ آهي، ھن جي اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر تي ناريجا ڳوٺ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڇھن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي رانتو ڍنڍ موجود آھي.
ھيءَ مسجد ڊيگهہ ۾ 20 . 7 ميٽر ويڪر ۾ 5 ميٽر ۽ اوچائي 5 ميٽر ان جي مستطيل اڏاوت آھي. ھن مسجد جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون (25x18x4 cm) گِل گارو ۽ چن استعمال ٿيل آھي. لنگهہ وارو دروازو اوڀر ۾ ھڪ نوڪدار ونگ سان ڏنل آھي. ٻہ دريون لنگهہ جي دروازي جي ٻنھي پاسي ھڪ ھڪ جي حساب سان آھن. ڀت ۾ ھڪ ھڪ دري ڏکڻ ۽ اتر واري ديوار ۾ آھن. نمازي حجري جي مٿان محرابي ڇت اڏيل ھئي، جيڪا ھاڻي ڊھي چڪي آھي، ان جو اتر وارو ڪجهہ حصو بيٺل آھي. اھو سر- اگهاڙو عمارتسازيءَ جو نمونو آڳاٽو عالم شاھہ مسجد تعلقي ڳڙھي ياسين ۾ ملي ٿو. اھا مسجد 1226 ھه/1811ع ۾ اڏي وئي ھئي. ان جو ٻيو مثال ڪنب ليمان (تعلقي سڪرنڊ) واري مسجد آھي، جيڪا 1226 ھه/1811ع ۾ ٺھي ھئي. ڇت- ڇتڻ جو نمونو فتح پور سڪري ھندوستان جي مسجدن وارو آھي، جيڪي 85- 1571ع جي دور ۾ تعمير ٿيون هيون. فتح پور سڪري ۾ محرابي ڇت وارا گهڻا مقبرا آھن. نمازي حجرو مستطيل آھي. ٻہ جارا اڀرندي طرف ۽ ٻہ جارا الھندي ڀت ۾ ڏنل آھن. اولاھين ڀت جي وچ تي اٺڪنڊو محراب ٺھيل آھي. جنھن جو وڌاوڙو ٻاھر نڪتل آھي. موجودہ وقت ۾ مسجد کنڊر ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. وقت گذرڻ سان ڇت ڊھي پئي آهي. صرف ڀتين جي مستطيل اڏاوت ۽ ان تي اتر طرف ٿوري محرابي ڇت جا نشان باقي آھن. مسجد کي جهنگلي ٻوٽا ۽ ڪنڊا وڪوڙي ويا آھن.