پير باريءَ جو آستان: هي آستان سکر ۾ ڪُتي جي قبر کان اوڀر ۾ مير ابوالباقي پورانيءَ جي مقبري سان لڳولڳ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس جي ڀرسان آهي. هڪ خستہ حال مسجد بہ موجود آهي، جنهن جون پاسن ورايون ڀتيون ۽ گنبذ ڊهي چڪا آهن. ڪاشي ۽ مصالحو هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي. پر هن مسجد جي ڪاشيءَ جا نمونا هينري ڪزنس پنھنجي ڪتاب (Sindh Tiles: 1906) ۾ ڏنا آهن. ڪزنس بہ هن مسجد کي خستہ حال ڏٺو هو. هن اتان ڪجهہ سرون کڻي انهن جا فوٽو ڪڍيا هئا. سندس چوڻ هو تہ هن قسم جي ڪاشيءَ جو نمونو سڄيءَ سنڌ ۾ استعمال ٿيل سرن کان مختلف آهي.