پير بخاري1

پير بخاري1: انگريزن خلاف جدوجھد ڪندڙ هن اهم ڪردار، پير بخاريءَ جو اصل نالو سيد اسدالله شاھہ ولد سيد علي شاھہ هو. هيءُ اوڻيهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ قنڌار (افغانستان) ۾ پيدا ٿيو. والد جي وفات بعد پنھنجي ڀاءُ سيد عبدالحميد شاھہ سان گڏ چوٿين ڏهاڪي ۾ قنڌار کان خانڳڙھہ (جيڪب آباد) لڏي اچي ويٺو. 1843ع ۾ انگريزن، ٽالپرن کي شڪست ڏئي، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. خانڳڙھہ (جيڪب آباد) انهن ڏينهن ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جتي سيد اسدالله شاھہ پنھنجي ڀاءُ سان گڏجي هڪ ننڍي مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄڪلھہ شھر جي جامع مسجد سڏجي ٿي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ سيد اسدالله شاھہ، ٻين مجاهدن، خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي، دلمراد کوسي، سردار بجار خان ڊومڪي، شاھہ عنايت شاھہ ۽ سردار شير علي بليديءَ سان گڏجي انگريزن خلاف جهاد ڪيو. پاڻ ان تحريڪ جو روح روان ٿيو. سندس رهائش موجودہ پير بخاريءَ واري درگاھہ وٽ هئي، جيڪا اڄ تائين سندس پونئرن وٽ آهي. انگريزن ان وقت خان ڳڙھہ جو نالو مٽائي ’جيڪب آباد‘ رکيو ۽ وڏن سردارن ۽ وڏيرن کي وڏيون جاگيرون ڏئي، بغاوت کي ڪنهن حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب ويا.
پير صاحب تاريخ 26 شوال 1277ھہ/1860ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي، کيس موجودہ درگاھہ جي اندر جاءِ ڏني وئي. هيءَ درگاھہ 150 سالن گذري وڃڻ جي باوجود اڄ بہ سندس نالي پير بخاريءَ سان مشھور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو