پير بخاري2: دادو شھر جي پوليس هيڊڪوارٽر جي اوڀر، ڏکڻ واري ڪنڊ ۽ ريلوي اسٽيشن جي اولھہ ۾ هڪ مقام آهي، اتي پير بخاري دفن ٿيل آهي، جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو تہ حبيب شاھہ زيدي هتي آيو، جيڪو چڱو حڪيم بہ هو، حبيب شاھہ خواجہ معين الدين چشتي اجميريءَ جو مريد هو، هر سال اجميري چادر بخاريءَ جي مزار تي چاڙهيندو هو ۽ قوالي جي پڻ محفل ٿيندي هئي. 1985ع ۾ حبيب شاھہ ڪراچيءَ لڏي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين، پير بخاريءَ تي هر سال ميلو لڳندو آهي.