پير تاجو

پير تاجو (قبرستان): پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ ڀيلار ڀرسان نيشنل هاءِ وي لڳ واقع پير تاجو هڪ مشھور قبرستان آهي. هن قبرستان جي وچان ريلوي لائين، گذري ٿي. ريلوي لائين جي ڏکڻ طرف لڳو لڳ پير تاجي جو مقبرو آهي. فقير تاجو پنھنجي وقت جي عارف ۽ ڪامل بزرگ ميان دائم سلطان انڍڙ جو خاص خدمتگار هو. ميان دائم سلطان، انڍڙ قبيلي جي خضراڻي پاڙي مان هڪ وڏو ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. روايت آهي تہ سندس هيٺيون ڌڙ ڪمزور هو، جنهن لاءِ کيس ڏوليءَ ۾ کڻي هلندا هئا. چار ماڻهو سندس خدمت ۾ ڏولي کڻڻ لاءِ هر وقت حاضر رهندا هئا. تن ۾ ڇٽو چاچڙ، تاجو ڀيلار، سچل انڍڙ ۽ شھيد محمد حسين انڍڙ پيش پيش هئا. بزرگ وفات جي وقت پنھنجي چئني مذڪوره خادمن کي دُعا ڪئي. سندن دُعا بارگاھہ الاهي ۾ مقبوليت جو شرف حاصل ڪيو ۽ فقير تاجو ڀيلار ولايت جي درجي تي وڃي رسيو. سندس زيارت گاھہ اڄ بہ مرجع خلائق آهي. هن قبرستان ۾ بُلا، ڀيلار، چاچڙ ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو مدفون آهن. بُلا قبيلي جا نامور فردَ سردار محمد مراد خان بُلو، محمد حسن خان بُلو، ڊي. آءِ. جي شھيد عبدالعزيز خان بُلو ۽ ناليوارا استاد حاجي جان محمد بُلو استاد محمد بخش بُلو بہ هن قبرستان ۾ هميشھ لاءِ آرامي آهن.


لفظ پير تاجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو