
پير تاج الدين شاهه ’تُريل‘جو مقبرو
پير تاج الدين شاھہ ’تُريل‘: پير تاج الدين، اسماعيلي نزاري سلسلي جي داعي پير صدرالدين شاھہ جو فرزند هو ۽ کيس پنھنجي وڏي ڀاءُ پير حسن ڪبيرالدين جي وفات کان پوءِ ’امام الوقت‘ جي پيراتڻ جو عهدو عطا ٿيو. سندس نالو تہ تاج الدين هو، پر اسماعيلي مريدن ۾ ’شاھہ تُريل‘ لقب سان مشھور ٿيو. هن پنھنجي پيءُ سان گڏ سومرن ۽ سمن جي دور ۾ اسلام جي تبليغ ڪئي ۽ پيءُ جي وفات کان پوءِ جوڻ، فتح باغ، ڍنڍي (سنڌ) کان سواءِ ڪڇ ۽ گجرات ۾ بہ اسماعيلي تبليغ جو سلسلو جاري رکيو. هڪ روايت موجب لاڙ جا اسماعيلي خواجا کيس ’پَرهلاد‘ بہ چوندا هئا، جنهنڪري سندس اولاد ’پرهلاد پوٽڙا‘ يعني ’پرهلاد جا پوٽا‘ بہ سڏائيندا هئا. پير تاج الدين جي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جي باري ۾ تاريخن ۾ وڌيڪ احوال نٿو ملي. هن پنهنجن وڏن ڀائرن، خاص ڪري پير حسن ڪبيرالدين کان دعوتي معاملن جي سکيا ورتي هئي. پير تاج الدين جي دعوت جو مرڪز سنڌ جو لاڙ وارو خطو هو، پر پنجاب، ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان ۾ بہ هُن تبليغ ڪئي هئي. هڪ روايت موجب پير تاج الدين جڏهن ’ناري‘ جي پٽ ۾ آيو تہ اتي ٺڪرن جو وڏو راڄ هو، جن ساڻس جنگ ڪئي، پر پير صاحب کين شڪست ڏني، پوءِ انهن مان ڪيترا سندس مريد ٿيا، جن جا پويان اڄ سوڌو ’سوڍا ساند‘ سڏجن ٿا.
پير تاج الدين اسماعيلي عقيدي جي ٻٽيهين امام سيدنا مستنصر بالله ثانيءَ (827ھہ/1424ع – 868ھہ/ 1464ع) جي امامت واري دور ۾ سنڌ جي اسماعيلي جماعت پاران امام الزمان لاءِ مليل سوکڙيون پاکڙيون کڻي ايران اُسهيو. ديدار ۽ مُلاقات کان پوءِ سوکڙيون، امام کي پيش ڪيائين، جن ۾ ڪپڙي جو هڪ ٽُڪر بہ هو، جيڪو ’ڀانڀري‘ جماعت طرفان کيس امام صاحب کي پهچائڻ لاءِ ڏنو ويو هو. امام صاحب اهو ڪپڙي جو ٽڪر تاج الدين کي سوکڙي طور ڏنو، جنهن مان هو پهراڻ ٺهرائي واپس سنڌ موٽيو. کيس ان ڪپڙي جو پهراڻ پاتل ڏِسي ڀانڀري جماعت کي شڪ جاڳيو تہ هن امام صاحب کي ڪپڙو نہ پھچايو آهي. ان تي جماعت جي مکيہ رُڪنن: نظام الدين ۽ ڪپور، پير صاحب کي ڌَمڪايو ۽ بُرو ڀلو چيو. پير تاج الدين کي ان بيجاءِ هلت تي ڏُک پهتو ۽ انهيءَ ڏُک ۾ 1467ع ۾ وفات ڪيائين. سندس روضو پيرُو لاشاري اسٽيشن (ضلعي بدين) کان پنج ميل اُتر ۾ اَڇ واري علائقي ۾ آهي، جتي هر سال مارچ مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اسماعيلي خواجن کان سواءِ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ آفريڪا جا هزارين اسماعيلي بہ اچي شريڪ ٿيندا آهن. هن درگاھہ جا ڪيترا غير اسماعيلي بہ معتقد آهن، جيڪي درگاھہ تي سُکا لاءِ حاضر ٿيندا آهن.
پير تاج الدين هڪ سُٺو شاعر هو. جنهن جو ڪلام گجراتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي ۽ ڪڇي لهجن ۾ ملي ٿو. اها شاعري ’گِنان‘ سڏجي ٿي. سندس گِنان گهڻا نہ ٿا ملن.