پير جمعو شھيد: پير جمعو شهيد، ضلعي نوشهري فيروز جي ڪنڊياري تعلقي جي الهندي طرف واري مقام ۾ مدفون آهي. هيءُ وڏو ولي ۽ عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. تاريخن ۾ اچي ٿو تہ جڏهن نواب عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاھہ ڪئي ۽ مغل فوج وٺي هتان کان درٻيلي ڏانهن وڃي رهيو هو تہ رستي ۾ جمعو شهيد، مرزا جاني بيگ جي طرفان وطن جي بچاءِ جي جنگ وڙهندي شھيد ٿيو هو.