پير جهنڊو: جهنڊي وارا پير راشدي خاندان جي هڪ شاخ آهن، پير پاڳاري يا راشدي خاندان جي هن شاخ جو باني پير محمد ياسين هو، جيڪو حرن جي تنظيم جي باني پير صبغت ﷲ شاھہ جو ڀاءُ هو. جيئن تہ پير محمد ياسين
خاندان کي ”عَلم“ سان گڏ وٺي الڳ ٿي ويو هو، ان ڪري ”پير جهنڊي“ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن خاندان جي اڪابرن مان پير محمد ياسين کان پوءِ پير رشيد الدين، پير مرشد ﷲ ۽ پير ضياءُ الدين شاھہ خاص طور ذڪر لائق آهن. هن خاندان جا مريد وڏي تعداد ۾ آهن. هن خاندان جي شھرت جو خاص اهڃاڻ سندن ذاتي ڪتب خانو ”پير جهنڊي جو ڪتبخانو“ رهيو آهي. هيءُ ڪتبخانو
پير محمد ياسين ۽ سندن جاءِ نشينن جي علمي ذوق سبب وجود ۾ آيو. هن وقت بہ هي ڪتبخانو علمي ڪتابن جي وڏي تعداد ۾ موجودگيءَ ۽ خاص ڪري ناياب مخطوطن جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڏو مقام رکي ٿو. هن ڪتبخاني ۽ مدرسي ۾ سنڌ جو عظيم محب وطن عالم مولانا عبيدالله سنڌي هڪ وڏي عرصي تائين درس تدريس ڏيندو رهيو.