پير حاجي نظر محمد شاھہ جيلاني

پير حاجي نظر محمد شاھہ جيلاني: پير حاجي نظر محمد شاھہ جيلاني 1307ھہ مطابق 1889ع ڌاري ڳوٺ ”ناصري“ تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (هاڻي بينظير آباد) ۾ پير ڇٽل شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ قرآن شريف جي تعليم ملا محمد ابراهيم ڏونگري (ويٺل آمري) کان ورتائين. سورهن سالن جو هو تہ سندن والد وفات ڪري ويو. ديني علم ڏانهن سندن گهڻو لڳاءُ هوندو هو، گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريائين. روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پوڇڙائي درگاھہ (شيخ ڀرڪئي کان ٻہ ميل اتر) جي گادي نشين سيد محمد علي شاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين. گهڻو وقت مرشد جي خدمت ۽ حاضري ۾ گذاريائين. جڏهن سندس مرشد لاڏاڻو ڪيو تہ ويڳاڻو ٿي پيو ۽ پوءِ لڪيءَ ۾ حضرت شاھہ صدر رحمة جي درگاھہ تي ويهي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهيو. هن لاءِ ڪيتريون ئي روايتون عام ماڻهن وٽ موجود آهن. سندس همعصرن ۾ مـخـدوم طالب الموليٰ ۽ سائين جي. ايم. سيد جھڙا مدبر انسان هئا. پاڻ 29 جـمـادي الـثـانـي 1370 ھہ مطابـق 1951ع تـي ڇـنڇــر جي رات ٻـاهـٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. پير نظر محمد شاھہ جو ساليانو ميلو بہ وڏي عقيدت سان لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ ايندا آهن. هن موقعي تي ملاکڙو ۽ ٻيون ميلن واريون سرگرميون پڻ ٿينديون آهن .


لفظ پير حاجي نظر محمد شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو