
پير حسن آريءَ جي مزار
پير حسن آري: پير حسن آري پنھنجي دؤر جو مشھور ولي ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيد عيسب هو. روايت آهي تہ هو تمام سھڻو هوندو هو، جيئن تہ ماڻهو سندس حُسن جو جلوو ڏسڻ لاءِ بيتاب هوندا هئا. ان ڪري اڪثر پنهنجو چهرو لڪائي هلندو هو. جنهنڪري آري سڏيو ويندو هو. سندس مزار ميان سيد حاجي رح جي قبرستان ۾آهي. ڪي ماڻهو سندن تربت کي آرياڻي بيبيءَ جي تربت بہ سمجهن ٿا، ڇو تہ پاڻ منهن ڍڪي هلڻ ڪري آري يا آرياڻي سڏبو هو. سندس تربت تي بہ سيد حسن آرياڻي لکيل آهي. سندس مزار مٽياري شھر ۾ آهي.