درگاهه پير ذاڪري

درگاهه پير ذاڪري

پير ذاڪري

پير ذاڪري (ڳوٺ ):هيءُ ڳوٺ ضلعي نوابشاھہ (هاڻوڪي بينظير آباد) جي شھر سڪرنڊ لڳ، اتر طرف مين روڊ تي واقع آهي. هي ڳوٺ اصل ۾ ’زميندار محمد حسن چوهاڻ‘ جي نالي سان قائم هو، پر مُني صديءَ اڳ بزرگ سيد محمد شاھہ جيلاني ذاڪريءَ، محمد حسن چوهاڻ جي زور ڀرڻ تي هن ڳوٺ ۾ ’درگاھہ ذاڪريءَ‘ جو بنياد اچي رکيو ۽ پوءِ سندس ئي نالي سان هيءُ ڳوٺ ’پير ذاڪري‘ طور مشھور ٿي ويو. هن ڳوٺ ۾ عاليشان جامع مسجد، سيد محمد شاھہ ذاڪريءَ جو روضو، ديني مدرسو، ڪتب خانو، پرائمري اسڪول قائم آهن. درگاھہ جو گادي نشين سندس فرزند پير احمد شاھہ ذاڪري (سھڻو سائين) سال 2000ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کان پوءِ موجودہ سجادہ نشين منير حسين شاھہ بہ هتي ذڪر فڪر جو سلسلو جاري رکيو اچي. هن ئي نالي پير ’ذاڪري- II‘ سان کڏهر- سڪرنڊ روڊ تي سيد محمد شاھہ جي خليفي، پير علي اڪبر شاھہ باقيل پوٽي قائم ڪئي، ان ڪري اصل درگاھہ پير ذاڪريءَ کي پير ذاڪري- I بہ سڏيو ويندو آهي.


لفظ پير ذاڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو