پير رشدالله شاھہ راشدي: ناميارو سياسي اڳواڻ ۽ عالم دين پير رشدالله شاھہ ولد پير رشيدالدين شاھہ راشدي (جهنڊي واري) جو جنم ڳوٺ پير فضل ﷲ (موجودہ پير جهنڊي) ضلعي مٽياري ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان پرائي، سندس استادن ۾ قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي هئا، جن کان هن فقہ ۽ منطق جا ڪتاب پڙهيا. فارغ التحصل ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ ئي دين جي خدمت ڪندو رهيو، هن سياسي زندگيءَ جو آغاز ”ريشمي رومال“ تحريڪ سان ڪيو، هن جو مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان ڏانهن موڪلڻ ۾ وڏو هٿ هو، شيخ عبدالحق کي جيڪي ريشمي رومال واري تحريڪ دوران خط ڏنا ويا هئا، انهن مان هڪ خط مولانا عبيدالله سنڌيءَ طرفان پير رشد ﷲ لاءِ جنهن ۾ کيس مالي مدد جي درخواست ڪيل هئي شامل هو. هن ”خلافت تحريڪ“ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو، جان محمد جوڻيجي جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ جون 1920ع تي خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت پير صاحب ڪئي، جڏهن خلافت تحريڪ جي لاءِ عالمن فتوائن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو تہ پير صاحب بہ انهن جي ڪيترين فتوائن جي تصديق ۽ تائيد ڪئي. هن 1920ع واري ترڪيءَ تي مڙهيل شرطن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ وائسراءِ کي يادداشت نامو ڏنو ويو هو تہ سنڌ مان ٻين عالمن سان گڏ پاڻ بہ ان تي صحيح ڪيائين، جڏهن ان وقت جي سرڪار انهيءَ يادداشت نامي تي غور نہ ڪيو تہ خلافتي عالمن ”ترڪ موالات“ واري فتويٰ جاري ڪئي، جنهن جي تصديق پير صاحب خود ڪئي. ”خلافت تحريڪ“ دوران ڪيل ڪوششن سان مالي مدد لاءِ گڏ ڪيل ٽيھہ هزار رپيا انگورا فنڊ ۾ جمع ڪرايا هئا، اهڙيءَ طرح تحريڪ جاري رهي. پير صاحب 22 رمضان المبارڪ 1340ھہ مطابق 19 مئي 1922ع تي وفات ڪئي.
1922.05.19 عيسوي
پير رشد الله شاهه راشدي 22 رمضان المبارڪ 1340هه مطابق 19 مئي 1922ع تي وفات ڪئي