پير رشدالله شاھہ راشدي جو ڪتب خانو

پير رشدالله شاھہ راشديءَ جو ڪتب خانو: هي ڪتب خانو ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي مٽياريءَ ۾ واقع آهي. پير صاحب هي ڪتب خانو چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ قائم ڪيو هو ۽ ان تي تمام وڏو پئسو خرچ ڪيو هئائين. هن ڪتبخاني لاءِ پير صاحب انڊيا آفيس لائبريري لنڊن مان ڪيترائي ناياب ڪتاب فوٽو ڪاپي ڪري گهرايا. ترڪي ۽ مصر جي ڪتب خانن ۾ پنهنجا ڪاتب موڪلي اڻلڀ ڪتاب نقل ڪرايا. اهڙيءَ طرح آڳاٽن ڪتابن ۽ نوادرات جو هتي وڏو ذخيرو جمع ٿي ويو. پير صاحب جي وفات کان پوءِ سندس پٽن ۾ ڪتب خاني جي ملڪيت تان اختلاف ٿي پيا، تنهنڪري ڪتب خانو ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. هن وقت بہ ڪتب خانو ڏسڻ جهڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو