پير رکيل ريلائي

پير رکيل ريلائي: پير رکيل ريلائي، پير خان محمد جي گهر ۾ 1830ع ڌاري ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. ريلائي پير، مخدوم رڪن الدين جي اولاد مان آهن، جيڪو ڪوٽ ڪروڙ ۽ ديري جات مان سنڌ ۾ آيو هو. سندس خانداني سلسلو حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. پير رکيل ريلائيءَ کي ننڍپڻ کان ئي سير ۽ سياحت جو گهڻو شوق هوندو هو. سنڌ جي گهڻن بزرگن سان سندس رفاقت رهي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون عام ماڻهن وٽ ملن ٿيون، سندس درگاھہ تي 27، 28 ۽ 29 محرم تي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين عقيدتمند گڏ ٿيندا آهن. ميلي ۾ ٽئي ڏينهن ملاکڙو لڳندو آهي. درگاھہ جي ڀر ۾ڌنراج مل ڪاٺين واري جي کُوهي کڻايل آهي. سندس وفات جو سن 1915ع ٻڌايو وڃي ٿو.


لفظ پير رکيل ريلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1830.00.00  عيسوي

پير رکيل ريلائي 1830ع ڌاري ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو


1915.00.00  عيسوي

پير رکيل ريلائي جي وفات جو سن 1915ع ٻڌايو وڃي ٿو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر سنڌي
اميد علي شاھہ رضوي سياستدان
ٽلو خان سپھہ سالار
عبد بن حميد
آفتاب راهمون
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
پير ڪامل قريشي
پارو شاھہ
راجا توڏر مل
بھلول لوڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون