
پير رڪن الدين شاهه جو مقبرو
پير رڪن الدين شاھہ جو مقبرو: هيءُ مقبرو مٽياري شھر ۾ واقع آهي ۽ سن 1179ھہ / 1765ع ۾ تعمير ٿيو. 27 x 27 فوٽن جي ماپ وارو هيءُ مقبرو فن تعمير جو اعليٰ نمونو آهي. پڪين سرن سان رٿيل هن مقبري ۾ پير رڪن الدين شاھہ مدفن آهي. مقبري جي اڱڻ تي ڪاشيءَ جون سرون گچ سان لڳل آهن ۽ اندرئين طرف بہ ڪاشيءَ جو تمام خوبصورت ڪم ٿيل آهي، جيڪي مقبري جي سونهن کي وڌيڪ نکاري بيٺيون آهن.