پير سجاول شاھہ جو ميلو

پير سجاول شاھہ جو ميلو: پير سيد سجاول شاھہ جو ساليانو ميلو 25 کان 28 رجب تي ڳوٺ فتح پور تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ۾ ڏاڍي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ قرآن خواني، مجلس عزا، راڳ رهاڻ، قوالي ۽ محفل موسيقيءَ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا نامور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ مختلف اسٽال سجايا ويندا آهن، جن تي انعام پڻ ڏنا ويندا آهن. ان کان علاوہ ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا پڻ ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن، جن ۾ لنگر بہ تقسيم ڪيو ويندو آهي. هيءُ ميلو ضلعي خيرپور وارن ماڻهن جي لاءِ تفريح جو بھترين ذريعو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو