پير سخي عثمان شاھہ: پير سخي عثمان شاھہ اسد الهاشمي، غوث بھاءُ الدين زڪريا ملتانيرحه المتوفي 661ھہ/ 1262ع جي خاندان مان ٿي گذريو آهي. ٿر، ڏکڻ ۽ لاڙ ۾ غوثيه جماعت جا مريد اول هن بزرگ جي مزار تان حاضري ڀري پوءِ بڪيرا شريف جي درگاھہ تي حاضري ڏيئي پوءِ ملتان ويندا هئا. اڳ هن جماعت وارا ڳوٺ کان بڪيرن تائين پيادو سفر ڪندا هئا. پير ﷲ ورايو عرف پير وروءَ کي ٽي فرزند هئا. وڏو فرزند پير حسن شاھہ، ٻيو فرزند فقير محمد شاھہ هو، جنهن تلهار جي پاسي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي آرامي آهي. ٽيون فرزند پير محمد شاھہ ٿيو، اهو بزرگ ‘پنگريو’ وڃي رهيو ۽ اتي ئي مدفون آهي. وروءَ جي وڏي پٽ حسن شاھہ کي ٻہ فرزند نالي پير جعفر شاھہ ۽ پير سخي عثمان شاھہ اسدالهاشمي ٿيا، پير جعفر شاھہ کي پير غلام حيدر شاھہ نالي فرزند پيدا ٿيو، جيڪو لاولد وفات ڪري ويو.
پير سخي عثمان شاھہ جي ولادت غالباً ٽالپر گهراڻي جي اوائلي دور ۾ 1800ع کان 5-10 سال اڳ يا 5-6 سال پوءِ ٿي هوندي، هن جي ولادت ڳوٺ ‘پير سخي’ ۾ جيڪو نئون دنبالو کان 5-4 ڪلوميٽر اتر طرف واقع ۽ موجودہ درگاھہ کان 10-9 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي.
پير صاحب ننڍپڻ کان ئي خوف خدا ۽ عشق حبيب رکندو هو ۽ هميشہ وڏن جو ادب ۽ عزت و احترام ڪندو هو. ننڍن تي شفقت ۽ محبت جو هٿ رکندو هو. هميشہ خدا جي عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي بي حد محبت ۽ اطاعت ڪرڻ جي تلقين ڏيندو هو. کيس ‘سخيءَ’ جو لقب سندس والد ڏنو، جنهن کي هڪ دفعي خواب ۾ اشارو ٿيو ته، توهان پنھنجي فرزند سخي عثمان شاھہ کي چئو تہ خدا جي راھہ ۾ سخاوت عام ڪري. مسلسل ٽي ڏينهن ائين اشارو ملندو رهيو، جنهن کان پوءِ هن پنھنجي پٽ کي چيو تہ اي منهنجا پيارا پٽ! اڄ پوءِ ڪاني بہ تنھنجي ۽ ماني بہ تنهنجي، ان ڏينهن کان پوءِ سندن سخاوت جو سلسلو عام ٿيو. پير سخيءَ جي نالي سان جيڪو اڄڪلھہ ڳوٺ مشھور آهي. ان ڳوٺ جو اصل نالو ٺڪرن (راجپوتن) جو ڳوٺ هو. هڪ روايت آهي ته، هڪ ڀيري جڏهن پير سخي عثمان شاھہ تبليغ جي سلسلي ۾ ان ڳوٺ وٽان گذريا تہ پاڻ انهن ٺڪرن تي اهڙي نگاھہ ڪيائون، جو انهن غير مسلمن جي دلين ۾ پاڻمرادو اسلام قبول ڪرڻ جو خيال آيو ۽ اهي مسلمان ٿيا. انهن جي ٺڪر ذات کي هٽائي ‘ويسر’ ذات جو نالو رکيائون. پير سخي جون ڪافي ڪرامتون هڪ ننڍي ڪتاب ۾ درج آهن. پير سخي عثمان شاھہ جي وفات بابت چٽو احوال ناهي ملي سگهيو، البته سندن ڀاءُ پير جعفر شاھہ المتوفي 1900ع کان اڳ وفات ڪري چڪو هو، جنهن پير سخي جو مقبرو ٺهرايو، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ پير سخي عثمان 1890ع کان 1900ع ڌاري وفات ڪئي.