پير سلطان جي چوڪنڊي: هيءَ چوڪنڊي بلڙي شاھہ ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) کان ڏيڍ ڪلوميٽر اولھہ ۾ آهي. يارهين صدي هجريءَ ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شادي ڪرڻ کان پوءِ هتي اچي رهيو ۽ پنھنجي فيض سان ماڻهن کي روشناس ڪرڻ لڳو. تڏهن مخدوم نوح پنھنجي پٽ پير سلطان کي بہ وٽس موڪليو تہ جيئن اهو بہ ماڻهن کي فيضياب ڪري. پير سلطان اڳتي هلي وڏي عالم ۽ بزرگ طور مشھور ٿيو. وفات کان پوءِ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس نالي سان هي قبرستان ’پير سلطان جي چؤڪنڊي‘ سڏجي ٿو. هتي هر سال 7 ذوالقعد تي ميلو پڻ لڳندو آهي.