پير سومرو1: ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڀريا روڊ اسٽيشن کان ڏيڍ ڪلوميٽر اتر طرف نصرت ڪئنال جي ڀر ۾ اوڀر طرف پير سومري نالي ڪنهن آڳاٽي زماني جي هڪ بزرگ جي مزار آهي. سندس مزار سان گڏ ٻيون بہ ڪافي تربتون موجود آهن. ويھہ سال اڳ هن جاءِ تي ڪنڊين ۽ کٻڙن جو گهاٽو جهنگ هو. مزار جي ويجهو، الهندي پاسي پير سومري جي نسبت سان حال حيات صوفي بزرگ ۽ مشھور شاعر ياسين ڪيريي المعروف ’عاشق سائين‘ جي لانڍي آهي، جتي عقيدتمندن جي هميشہ آمد رهي ٿي. عاشق سائينءَ جي شاعريءَ ۾ مجاز کان سواءِ رندي ڪيفيت ۽ مستيءَ جو رنگ موجود آهي، جنهن ۾ وحدت الوجود جي نظريي جي اُپٽار آهي. هر مهيني چنڊ جي چوڏهين تاريخ هتي راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ علائقي جي فنڪارن کان سواءِ سنڌ جا ڪيترائي راڳي اچي حاضري ڀريندا آهن.