پير شاھنواز شاهه عارف الموليٰ

پير شاھنواز شاهه عارف الموليٰ

پير شاھنواز شاھہ عارف الموليٰ

پير شاھنواز شاھہ ’عارف الموليٰ ‘:مشھور شاعر عارف الموليٰ جو مڪمل نالو پير شاهنواز شاھہ ولد ڏنل شاھه هو، جنهن 1922ع ۾ ڳوٺ سبحان علي شاھه لڳ ڊٺڙي تعلقي شھدادپور ۾ جنم ورتو. ڊٺڙي ۾ درگاھه سان گڏ مدرسو قائم هو، جنهن ۾ قرآن، تفسير، فقھ توڙي ٻين علمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ عالم موجود هوندا هئا. عارف الموليٰ بہ هن مدرسي پڙهيو ۽ عربي توڙي فارسيءَ جي تعليم ورتائين. کيس پنهنجو ڪتب خانو بہ هو. هن پهرين شادي ساداتن مان ڪئي ۽ ٻي پيار جي شادي ٻاهران ڪيائين. ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو. سندس هڪ فرزند فتح محمد شاھه عاشق الموليٰ جوانيءَ ۾ گذاري ويو. عارف الموليٰ راڳ ويراڳ جو وڏو شوقين هو ۽ سندس اُستاد منظور علي خان سان راڳ ۽ قرب جو گهرو رشتو هو.
عارف الموليٰ بھترين عوامي شاعر هو. هن جي ذات ۽ ڪلام ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي مھر نظر نوان رنگ ڀري ڇڏيا. عارف الموليٰ جي ڪلام ۾ بيتن ۽ ڪافين کان سواءِ نظم، غزل، مثنويون ۽ گيت شامل آهن. هن جي ڪلام جو هڪ مجموعو ’ڪشتي منجهہ ڪَڻا‘ (1994ع) ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هن ڪلاسيڪي شاعر حسن بخش شاھہ ڊٺڙي واري جو ڪلام ’ڪلام حسن بخش شاھہ‘ بہ ترتيب ڏنو هو، جيڪو ڪرائون سائيز ۾ سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇپايو هو. عارف الموليٰ جو ڪلام نهايت پختو آهي ۽ پنھنجي دؤر جي نمائندگي ڪري ٿو. هن عـروضـي ڪـلام ۾ حـمـد خوبصورت انداز ۽ اسلوب ۾ لکيا آهن، هن ڪيترا گيت بہ لکيا آهن، جن ۾ عوامي رنگ آهي. سنڌ جي هن بھترين شاعر جي وفات 31 مئي 1978ع تي ڪار حادثي ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.00.00  عيسوي

شاهنواز شاهه 1922ع ۾ ڳوٺ سبحان علي شاھه لڳ ڊٺڙي تعلقي شهدادپور ۾ جنم ورتو


1978.05.31  عيسوي

شاعر پير شاهنواز شاهه جي وفات 31 مئي 1978ع تي ڪار حادثي ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت ٽهليارام
مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو
پير جمعو شھيد
ڪان موتيھار
دودو
تميزالدين مولوي
غنويٰ ڀٽو
عبدالمجيد جمالي
آغا ابراهيم شاھہ
راڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون