پير شاھہ: پير شاھہ، سيد صلاح الدين جو فرزند هو، جيڪو لڪياري سيدن مان هو. تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ ڄاڻايو آهي تہ: ”مير صلاح الدين لڪعلويءَ کان پوءِ سندس وڏو پٽ سيد پير شاھہ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. هي وڏو درويش ۽ رياضت جو صاحب هو. سڄي رات عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پير شاھہ هر روز غسل ڪندو هو. چاهي گرمي هجي يا سيارو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڏاڍيءَ سڪ سان سندس زيارت جي درخواست ڪئي، پر پير شاھہ قبول نہ ڪئي. نيٺ ميان نور محمد سندس خدمت ۾ هليو آيو. ان تي ٻين سيدن ۽ خادمن ميان نور محمد خان کي وڏيءَ منٿ ميڙ سان سان واپس ڪيو. سيد پير شاه اهو لقاءَ ڏسي چوڻ لڳو تہ هاڻي دنيا ۾ رهڻ چڱائي نہ آهي ۽ جلد ئي (ڪجهہ ڏينهن اندر) وفات ڪري ويو.“
خبر پوي ٿي تہ سيد پير شاھہ جي حڪمرانن سان نہ پوندي هئي، ۽ پنهنجن معاملن ۾ حاڪمن جي مداخلت پسند نہ ڪندو هو.