پير شاھہ قادري بديڻائي: پير شاھہ قادريءَ جو اصل نالو پير شھاب الدين احمد بن عمران هو. هن جي ڏهين پيڙهي، پيران پير حضرت عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿي. پير صاحب جي شادي بدين جي حاڪم جي ڌيءَ سان ٿيل هئي. هيءُ ننڍپڻ کان ئي نيڪ خيال ۽ مهذب ماڻهو هو. هن بزرگ 19 رمضان 1194ھہ/1780ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار بدين شھر ۾ آهي. سندس سجادہ نشينن ۾ پير عالي شاھہ جيلانيءَ جي شخصيت مشھور ٿي گذري آهي.
1780.00.00 عيسوي
پير شاهه قادريءَ 19 رمضان 1194هه/1780ع ڌاري وفات ڪئي